ملير: رزاق آباد ۾ گٽڪو ۽ مائي جو آزار، سول سوسائٽي ۽ نوجوان پاران  احتجاجي مظاهرو

Spread the love

ملير (ذوالفقار علي نصيراڻي) ملير جي رزاق آباد ۾ گٽڪو ۽ مائي جو آزار، سول سوسائٽي ۽ نوجوان رستن تي نڪري آيا، منشيات خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ۽ ڌرڻو، اڀ ڏاريندڙ نعرا، عبدالله  ڳوٺ جي هڪ گهر ۾ ڪيترن ئي سالن کان فيڪٽري قائم ڪئي وئي جتان وڏي پيماني تي  ڀرپاسي جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ کلي عام گٽڪو مائو سپلائي ڪيو پيو وڃي نوجوان، عورتون توڙي ٻارڙا گٽڪو مائو واپرائڻ سبب وات ۽ گلي بيمارين ۾ وٺجي ويا آهن،

پوليس کي ڪيترائي ڀيرا گهٽڪي  مائي جا سوين پيڪٽ ڏيکاري لکت ۾ درخواستو ڏنيون آهن پر ڪوبه  نوٽيس نه ورتو ويو آهي هنن آء جي سنڌ ايس ايس پي ملير کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي منشيات کي ٻنجو ڏئي نوجوان نسل کي تباھ ٿيڻ کان بچايو وڃي،

اڳواڻ تفصيل موجب ملير جي علائقي رزاق آباد ۾ گٽڪي مائي جي کلي عام وڪري جي آزار خلاف ڪالھ جي سول سوسائٽي ۽ نوجوانن سماجي اڳواڻ عادل مشتاق آرائين، صمد لاشاري، بابل خان مستوئي، عرفان آرائين، وحيد سيال ۽ ٻين  امروٽي ڪالوني کان ريلي کان ڪڍي عوامي پريس ڪلب ملير  اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو،

ڌرڻي ۾ شرڪت ڪندڙ نوجوان جي هٿن پلي ڪارڊ هئا جيڪي منشيات وڪرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪريو، نوجوان نسل کي تباهي کان بچايو جا اڀ ڏاريندڙ نعرا هڻي رهيا هئ

ا ان موقعي تي اڳواڻڻ چيو ته عبدالله ڳوٺ جي گهر ۾ ڪيترن ئي سالن کان حامد هزاري وال فيڪٽري قائم ڪري علائقي ج مختف ڳوٺن امروٽي ڪالوني، عبدالله ڳوٺ،موسي ڳوٺ ، ڌڻي پرتو ڳوٺ ۽ ٻين ۾ گٽڪو مائو سپلائي ڪيو پيو وڃي جنهن سبب وڏي تعداد ۾  نوجوان، عورتون توڙي ٻارڙا گٽڪو مائو واپرائڻ سبب وات ۽ گلي بيمارين ۽ سماجي بيمارين ۾ مبتلا ٿي رهيا آهن،

هنن چيو ته پوليس کي ڪيترائي ڀيرا گهٽجي مائي جا سوين پيڪٽ ڏيکاري لکت ۾ درخواستو ڏنيون ۽ احتجاج پڻ ڪيا پر ڪوبه نوٽيس نه ورتو ويو آهي هنن آء جي سنڌ، ايس ايس پي ملير کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي منشيات کي ٻنجو ڏئي نوجوان نسل کي تباھ ٿيڻ کان بچايو وڃي.

آڪٽوبر 20, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو