نوابشاھ: سنڌ ۾ استادن جي ڀرتي ۾ هارڊ ايريا ۽ سافٽ ايريا ذريعي نظر انداز، اميدوارن پاران احتجاجي مظاهرو
نوابشاھ ( رپورٽ: عبدالفتاح رند) سنڌ ۾ استادن جي ڀرتي ۾ هارڊ ايريا ۽ سافٽ ايريا ذريعي نظر انداز پوري سنڌ جي اميدوارن نوابشاهه پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک ڪئي
انهي موقعي تي سنڌ جي مختلف شهرن کان آيل اميدوارن ديدار لغاري آصف علي کوسو محمد عرس بروهي راشد خاصخيلي مرتضي پرهياڙ ۽ ٻين جو چوڻ هو ته ٽن سالن کان احتجاج ڪري رهيا آهيون ڪير به ڏانهن ٻڌڻ وارو ناهي هن چيو ته هارڊ ايريا ۽ سافٽ ايريا جو فرق ڄاڻائي اسان کي نظر انداز ڪيو ويو
هنن چيو ته من پسند علائقن کي هارڊ ايريا جو نالو ڏيئي پنهنجن کي نوازيو ويو هنن پاڪستان پيپلزپارٽي جي اعلي قيادت ۽ صدر پاڪستان آصف علي زرداري کان کان مطالبو ڪيو آهي ته ٻٽي پاليسي ختم ڪري انصاف ۽ قانون مطابق 33 مارڪون کڻندڙ اميدوارن کي پاس قرار ڏيئي آفر آرڊر جاري ڪيا وڃن.
آڪٽوبر 19, 2024