نوابشاه : قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي ۾ ھڪ پروفيشنل ٽريننگ ورڪشاپ ڪرايو ويو
نوابشاه (رپورٽ: عبدالفتاح رند) قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي ۾ ھڪ پروفيشنل ٽريننگ ورڪشاپ ڪرايو ويو جنھن ۾ ڊائريڪٽوريٽ آف ڪنٽينيونگ ايجوڪيشن ڪوئسٽ پاران مختلف قسمن جي سسٽم ۽ او بي اي (OBE ) جي طريقن سان ٽريننگ پروگرام 4 ڏينھن جو ڪرايو ويو
جنھن ۾ قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي جا ٽي اي (TA) استادن ۽ ليب انجنيئرز شرڪت ڪئي ورڪشاپ وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر سليم رضا سمون مھمان خاص شرڪت ڪئي
جڏھن ورڪشاپ ۾ سنڌ ايڇ اي سي پاران تربيت وٺندڙ ٽرينرز پروفيسر ڊاڪٽر قادربخش جمالي ، پروفيسر ڊاڪٽر سيف الله ڀٽو ، ڊاڪٽر رافع کتري ،ڊاڪٽر نديم ڀٽي عمران علي ڪانيو ، ۽ ٻين ٽريننگ ورڪشاپ ۾ خطاب ڪندي چيو ته ھي ورڪشاپ استادن جي لاء لازمي سکڻ گھرجي ڇاڪاڻ ته شاگردن کي پڙھائڻ سان گڏ انھن کي ڪلاس روم ۽ ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪئين ڪرڻ گھرجي
اھو شاگردن کي لازمي سيکارڻ گھرجي او بي اي ته ڪئين ڪم ڪجي رزلٽ ڪئين ٺاھڻ گھرجي سڀ ورڪشاپ ۾ سيکاريو ويو آخر ۾ استادن پاران وائيس چانسلر جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته اھڙا پروگرام ڪرايا وڃن ته جئين استادن کي گھڻو ڪجھه سکڻ لاء ملي ته جيئن اسان شاگردن کي سٺي ڪوالٽي پڙھائي سگھون ۽ ھن يونورسٽي جو نالو روشن ڪيون آخر ۾ سڀني استادن کي سرٽيفڪيٽ به ڏنا ويا.
آڪٽوبر 19, 2024