نواب شاه: ڊائريڪٽر جنرل پاپوليشن ويلفيئر طارق عظيم لاڙڪ جي صدارت ھيٺ اجلاس ٿي گذريو

Spread the love

نواب شاه ( رپورٽ: عبدالفتاح رند)  ڊائريڪٽر جنرل پاپوليشن ويلفيئر طارق عظيم لاڙڪ جي صدارت ھيٺ شھيد بينظيرآباد ڊويزن جي پاپوليشن کاتي جي عملدارن جو ھڪ اجلاس ڊي سي آفيس جي درٻار ھال ۾ ٿي گذريو ان موقعي تي اجلاس کي خطاب ڪندي ڊائريڪٽر جنرل طارق عظيم لاڙڪ چيو ته صوبائي وزير صحت ۽ پاپوليشن ويلفيئر ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو جي خاص ھدايتن تي پاپوليشن کاتي جي ڪارڪردگيءَ کي وڌيڪ بھتر بڻايو پيو وڃي

ھن وڌيڪ چيو ته ڊويزن سطح تي اجلاس منعقد ڪرڻ جو مقصد ضلع ۾ قائم پاپوليشن کاتي جي مسئلن جو جائزو وٺڻ ۽ انھن مسئلن جي حل لاءِ قدم کڻڻ آھي ڊائريڪٽر جنرل سمورن ڊسٽرڪٽ پاپوليشن آفيسرن کي ھدايت ڪئي تہ ھو پنھنجي کاتي جي ڪارڪردگيءَ کي وڌيڪ بھتر بڻائين جڏھن ته ٻارن ۾ وقفي جي دوائن جي کوٽ سميت ٻين مسئلن بابت خط لکن تہ جئين سندن جائز مسئلن جي حل لاءِ قدم کڻي سگھجن

ھن کين اھا پڻ ھدايت ڪئي تہ پاپوليشن کاتي جي زير تعمير رورل ھيلٿ سينٽرن بابت پڻ تفصيل فراھم ڪيا وڃن تہ جئين انھن جي مڪمل تعمير لاء قدم کڻي سگھجن ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ پاپوليشن آفيسر شھيد بينظيرآباد رياض احمد شر ٻڌايو ته ضلع شھيد بينظيرآباد ۾ ضلع انتظاميه ،صحت، پي پي ايڇ آئي سميت صحت جي حوالي سان ڪم ڪندڙ ادارن ۽ سماجي تنظيمن جي مدد سان خانداني منصوبه بندي جي حوالي سان ھر مھيني پروگرام منعقد ڪيا پيا وڃن

 جنھن ذريعي شھرين کي خانداني منصوبه بندي جي فائدن بابت پڻ آگاھي ڏني پئي وڃي ان موقعي تي سانگھڙ ۽ نوشھرو فيروز جي ڊسٽرڪٽ پاپوليشن آفيسرن پاران پڻ ڪم بابت آگاھي ڏني وئي اجلاس ۾ ٽنھي ضلعن جي پاپوليشن کاتي جي عملدارن شرڪت ڪئي.

آڪٽوبر 18, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو