”دبئي ۾ به پاڪستاني مرد عورتن کي بُري نظرن سان ڏسندا آهن“

Spread the love

ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) پاڪستاني اداڪارا ناديا حسين انڪشاف ڪيو آهي ته دبئي ۾ به پاڪستاني مرد عورتن کي بُري نظرن سان ڏسندا آهن.
ناديا حسين هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ شرڪت ڪئي جتي هن پاڪستان ۾ ٻارڙين، ڇوڪرين ۽ عورتن سان وڌندڙ زيادتي جي افسوسناڪ واقعن تي تفصيلي ويچار ونڊيا.
ناديا پنهنجي اکين ڏٺو احوال ٻڌائيندي چيو ته تازو هوءَ دبئي ۾ جميرا بيچ وئي جتي هن ڏٺو تي پاڪستاني مرد شلوار قميض ۽ جوگرز پائي اچن ٿا ۽ وڻن جي ڀر ۾ ويهي عورتن کي تڪيندا رهندا آهن.
اداڪارا چيو ته هوءَ نٿي ڄاڻي ته گهوري رهيا هوندا آهن يا ڇا پر هو ڏسندا ضرور آهن، عورتون اتي ٽوپيس( بڪني ) پائي اينديون آهن ۽ اِتي سڀ پاڪستاني مرد هوندا آهن جيڪي کين گهوريندا رهندا آهن.
ماڊل چيو ته ڀلي سندن ڀرپاسي ڪجهه به ٿئي پر انهن مردن کي ڪو فرق ناهي پوندو، کين رڳو عورتن کي ڏسڻو آهي، پر انهن جي حد اتي رڳو اِها آهي ته هو ڏسي ئي سگهن ٿا.
هن چيو ته اسان جي ملڪ جو الميو اِهو آهي ته جيڪڏهن هتي ڪو مرد ڪنهن کي عورت کي ڏسندو آهي ته منجهس ڪا نه ڪا حرڪت ڪرڻ جي سگهه به اچي ويندي آهي، پر دبئي هو ڏسي ئي سگهن ٿا، ان کان اڳتي هو ڪجهه نٿا ڪري سگهن.
ناديا حسين چيو ته ڏوهه جو غريب يا امير سان ڪو واسطو ناهي، ڏوهاري کي ڏوهاري طور ٽريٽ ڪيو وڃي ۽ ڏوهارين کي سزا ملڻ گهرجي، امير غريب بدران صحيح ۽ غلط جي ڳالهه ٿيڻ گهرجي.
هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ ته مرد پرديدار عورتن کي تنگ ڪرڻ ساڻن نامناسب حرڪت ڪرڻ کان به نٿا ڪيٻائين، اهڙن مردن کي سرعام ڦاهي ڏيڻ گهرجي.

آڪٽوبر 17, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو