پي سي بي بابر سميت 4 سينيئرن کي ڊراپ ڪرڻ تي وضاحتي بيان جاري ڪري ڇڏيو
لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ بابر اعظم سميت ٻين سينيئرن کي ڊراپ ڪرڻ تي وضاحتي بيان ڏئي ڇڏيو.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو چوڻ آهي ته اڳوڻي ڪپتان بابر اعظم سميت چئن رانديگر کي ان ڪري ڊراپ ڪيو ويو ته جيئن اهي تازا توانا ٿي واپس اچي سگهن.
پي سي بي ترجمان موجب بابر اعظم پنهنجي نسل جو بهترين بيٽر آهي ۽ بورڊ چاهي ٿو ته هو ذهني طور تازو توانو ٿي مستقبل ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪري.
ترجمان چيو ته انگلينڊ خلاف ايندڙ ميچن لاءِ ٽيم جي چونڊ سليڪٽرن لاءِ چئلينجنگ ڪم رهيو آهي، انهن کي پاڪستان جي عالمي شيڊيول تي به غور ڪرڻو هو، پاڪستان ڪرڪيٽ ۽ رانديگرن جي بهترين مفاد ۾ بابر اعظم، نسيم شاهه، سرفراز احمد شاهين آفريدي کي آرام ڏنو ويو.
ترجمان موجب ان سان گڏ نون رانديگرن ۽ ڊوميسٽڪ سطح تي ڪارڪردگي ڏيکاريندڙن کي به انگلينڊ جي مضبوط ٽيم خلاف پنهنجي صلاحيتن جو مظاهرو ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪري رهيا آهيون، حسيب الله، مهراڻ ممتاز، ڪامران غلام، محمد علي، نعمان علي، ساجد خان ۽ زاهد محمود مان هر هڪ موقعي مان فائدو کڻڻ ۽ ٽيم جي خدمت ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو.
ترجمان چيو ته پي سي سي کي ٽيسٽ لاءِ ايندڙ نسل تيار ڪرڻ تي به ڌيان ڏيڻو پوندو ۽ هيءَ سيريز نوجوانن کي ٽيم ۾ شامل ڪرڻ جو موقعو آهي.