پيپلزپارٽي ڄاڻي ٿي ته ادارن ۾ ڪارڪنن کي تحفظ ڪرئن ڏيڻو آهي: فدا حسين ڍڪڻ
ڪراچي (بيورو رپورٽ)آل پاڪستان متاثر ملازم ايڪشن ڪميٽي جي طرفان 11 آڪٽوبر 2024 جمعي ڏينهن 3 وڳي بلاول هائوس ڪراچي ۾ متاثر ملازمن جي حقن لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
مظاهرين مطالبو ڪيو ته خاص پارلياماني ڪميٽي جي حڪمن مطابق وفاقي 72 ادارن جي متاثر سمورن ملازمن ۽ڪانٽريڪٽ ملازمن کي بحال ڪيو وڃي.قومي اسيمبليءَ جي 72 اجلاسن جي جاري ٿيل حڪمن تي ۽ معزز اسپيڪر جي حڪم تي قومي اسيمبليءَ جي اجلاسن دوران ٻن اجلاسن جي رولنگ جي حڪم تي پارليامينٽ/ صدارتي آرڊيننس جاري ڪري، 72 وفاقي ادارن جي برطرف ٿيل ملازمن ۽ ڪانٽريڪٽ ملازمن کي انصاف فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو.
ان موقعي تي آل پاڪستان متاثر ملازم ايڪشن ڪميٽي جي چيئرمين محمد جنيد اعواڻ، صدر ياسين عالماڻي، ميڊم سنبل عارف، سيڪريٽري وومين ونگ آرگنائيزر علي عباس، نائب صدر آصف محمود، نائب صدر محمد رفيع، نائب صدر رضا خان سواتي، ڊپٽي جنرل سيڪريٽري محمد خان، ممتاز هالائي، مرتضيٰ ميمڻ، عارف روهيلا، سينيئر ميمبر عبدالرحيم ڪلهوڙو، سليمان لغاري، غلام حسين جوڻيجو، لعل بخش ٻٻر، ميڊم نسيم شيخ ۽ ٻين اهلڪارن شرڪت ڪئي، جڏهن ته متاثر ملازمن پنھنجن مطالبن جي حق ۾ سخت نعريبازي ڪئي.
رپورٽن مطابق پيپلز پارٽي جي سينيئر قيادت بروقت نوٽيس وٺندي بلاول هائوس ڪراچي جي ميڊيا ڪوآرڊينيٽر فدا حسين ڍڪڻ پارٽي جي سينيئر قيادت کي پيغام پھچايو، جنھن جي نتيجي ۾اسسٽنٽ ڪمشنر ڏکڻ ڪراچي جنيد عالم جي موجودگي ۾ ملازمن کي درپيش مسئلن جي حل جو يقين ڏياريو. بلاول هائوس ڪراچي جي ميڊيا ڪوآرڊينيٽر فدا حسين ڳالهه ٻولهه ڪندي وڌيڪ چيو تھ پاڪستان ريلوي جي ڊي ايس ڪراچي سميت سمورن ادارن جي انتظاميا کي پيغام ڏنوآھي تھ اهي سڀئي متاثر ملازم پارٽي جا ڪارڪن آهن ۽ انهن کي لاوارث نه سمجهيو وڃي، پيپلز پارٽي پنهنجي ڪارڪنن کي تحفظ ڏيڻ ڄاڻي ٿي.
پيپلز پارٽي جي ترجمان مطابق پيپلزپارٽي جي سينيئر قيادت آل پاڪستان متاثر ايمپلائيز ايڪشن ڪميٽي جي عهديدارن کي 18 آڪٽوبر کان پوءِ سينيئر قيادت سان ڳالهين لاءِ بلاول هائوس ڪراچي پاران باضابطه طور تي دعوت ڏني وئي آهي. بلاول هائوس پاران اي پي اي سي جي اعليٰ قيادت ۽ سمورن احتجاج ڪندڙن جي اتفاق راءِ سان احتجاجي ڌرڻو ڪجهه ڏينهن لاءِ ملتوي ڪيو ويو،
جنهن بعد بلاول هائوس پاران مسئلا حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي وئي. احتجاج ڪندڙن چيو ته جيڪڏهن پورهيتن جي مسئلن تي سنجيدگي نه ڏيکاري وئي ته مزدورن جي جم غفير سان گڏ وڏو ڌرڻو هنيو ويندو، جيڪو مطالبن جي منظوري تائين جاري رهندو.
آڪٽوبر 14, 2024