سڪرنڊ: جسقم اڳواڻ جي گرفتاري ۽ قومي ڪارڪنن جي گهرن تي غير قانوني چڙھائيءَ خلاف احتجاج
سڪرنڊ ( رپورٽ: راج ڪماراوڏ) جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو، جسقم اڳواڻ ڊاڪٽر نياز چانڊيو جي گرفتاري ۽ قومي ڪارڪنن جي گهرن تي غير قانوني ۽ بلا جواز چڙھائيءَ خلاف جسم سڪرنڊ پاران سنيماچوڪ تي سخت احتجاج ڪيو ويو. ان موقعي تي جسم اڳواڻن مشتاق لغاري، منور عمراڻي، اويس گبول، ساگر ملاح، مصطفٰى عمراڻي ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته سنڌ ۽ سنڌ جي وسيلن جا مالڪ اسان سنڌي آهيون.
جڏھن انهن جي ڳالھ ٿا ڪيون ته گرفتار ڪيو ٿو وڃي. هنن چيو ته چيئرمين رياض چانڊيو، ڊاڪٽر نيازڪالاڻيءَ جي گهرن تي رات جي اونداهيءَ ۾ چڙھائي ڪري چادر ۽ چوديواريءَ جو تقدس پائمال ڪندي کين سنڌ جي مالڪي ڪرڻ تان گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ سموري سنڌ ۾ قومي ڪارڪنن جي گهرن تي پڻ ريڊ ڪيا ويا آهن.
جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا. هنن چيو ته بلا جواز گرفتاريون قانون جي لتاڙ آھن. هنن چيو ته سنڌ رواداري ۽ امن جي ڌرتي آهي هتي هر قسم جي انتهاپسنديءَ ۽ پاڻيءَ سميت سمورن وسيلن تي قبضي جي سازش ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين.
هنن چتاءُ ڏيندي چيو ته چيئرمين رياض چانڊيو ۽ ڊاڪٽر نيازڪالاڻي سميت سمورن ڪارڪنن کي جلد آزاد ڪيو وڃي. ٻي صورت ۾ قومي شاهراه بند ڪري ڌرڻو هنيو ويندو. مظاهري ۾ شريڪ ڪارڪنن رياستي ڏقڍ خلاف سخت نعريبازي ڪري رهيا هئا.
آڪٽوبر 13, 2024