صبا قمر يونيسيف جي سفير مقرر

Spread the love

ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) گڏيل قومن جي ماتحت ٻارن جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪندڙ اداري يونيسيف طرفان پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو ٻارن جي ڀلائيءَ لاءِ اداڪارا صبا قمر جي قومي سفير طور مقرري ڪئي وئي آهي.
صبا قمر پنهنجي انسٽاگرام پوسٽ ۾ ٻارن سان گڏ گهاريل لمحن جون ڪجهه تصويرون شيئر ڪندي لکيو ته ” هلندڙ هفتي انتهائي دنگ ڪري ڇڏيندڙ ماڻهن سان ملاقات ٿي ۽ ڪجهه شاندار تجربا ٿيا، ونڊڻ لاءِ کوڙ ساريون ڪهاڻيون آهن.“
صبا قمر يونيسيف جي پليٽ فارم تان ٻارن جي ڀلائي لاءِ ڪم جاري رکڻ جو عزم ورجائيندي عالمي اداري جا ٿورا مڃيا.
ٻارن جي ڀلائي جي سفير طور صبا قمر ملڪي توڙي عالمي سطح تي مختلف پليٽ فارمز ۾ يونيسيف تحت ٻارن جي مسئلن جي حل لاءِ ڪم ڪندي.
صبا قمر پنهنجي سوشل ميڊيا پوسٽن ۽ ڊرامن ۾ به ٻارن ۽ عورتن تي تشدد ۽ سندن استحصال خلاف آواز اُٿاريندي رهي آهي.

آڪٽوبر 12, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو