شڪست تي مايوسي ٿيندي آهي، انگلينڊ کان کٽڻ جو فن سکڻو پوندو: شان مسعود
ملتان ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان جي ٽيسٽ ٽيم جي ڪپتان شان مسعود چيو آهي ته اسان 20 ته ڇڏيو 10 وڪيٽون به نٿا وٺي سگهون جيڪا انتهائي مايوس ڪندڙ ڳالهه آهي.
ملتان ٽيسٽ ۾ انگلينڊ پاڪستان کي هڪ اننگز ۽ 47 رنسن تان شرمناڪ شڪست ڏئي ڏني، ميچ کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي شان مسعود چيو ته ان کان وڌيڪ مايوس ڪندڙ ڳالهه ڪهڙي ٿيندي، هر ڀيري شڪست سبب مايوسي ٿيندي آهي.
هن چيو ته ٽيسٽ ميچ ۾ جيستائين ويهه وڪيٽون نه وٺنداسين ميچ نٿا کٽي سگهون، انگلينڊ رستو ڪڍيو ۽ ويهه وڪيٽون ورتيون، اسان کي انگلينڊ سيکاريو، انگلينڊ جي بهترين حڪمت عملي رهي جيڪا سندن ڪاميابي جو سبب بڻي.
قومي ڪپتان چيو ته پهرين اننگز ۾ سٺو اسڪور ٺاهيو هو، اسان کي ٻي اننگز ۾ بهترين ڪرڪيٽ کيڏڻي هئي، اسان ميچ سيٽ ڪري هارائي رهيا آهيون، اسان کي ڪاميابي جو رستو ڳولڻو پوندو، اسان کي سکڻو پوندو ته پهرين اننگز سٺي کيڏڻ کانپوءِ ميچ تي پنهنجي پڪڙ برقرار ڪيئن رکجي.
هن چيو ته ٽيسٽ ڪرڪيٽ سولي راند ناهي، پهرين ٽيسٽ ۾ ڪيل غلطين مان سکڻ جي ڪوشش ڪنداسين ۽ ٻي ميچ لاءِ نئين حڪمت عملي تيار ڪنداسين.
شان مسعود اڳوڻي ڪپتان بابر اعظم جي بيٽنگ تي ڳالهائيندي چيو ته بابر اعظم پاڪستان جو بهترين بيٽر آهي، کيس اعتماد بحال ڪرڻ لاءِ هڪ اننگز گهرجي.