پنهنجي سرزمين تي مسلسل شڪستون، پاڪستان تاريخ جي بدترين پوزيشن ماڻي ورتي
ملتان (ويب ڊيسڪ) ملتان ٽيسٽ ۾ انگلينڊ پاڪستان کي هڪ اننگز ۽ 47 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي جنهن کانپوءِ قومي ٽيم کي پنهنجي سرزمين تي هڪ ٻي ناڪاميءَ جو منهن ڏسڻو پيو.
قومي ٽيم 2022ع کانپوءِ هنيئر تائين هوم گرائونڊ تي هڪ به ميچ ناهي کٽي سگهي، مسلسل شڪستن کانپوءِ پاڪستان جي پوزيشن بد کان بدتر ٿي وئي آهي.
2022ع کان هنيئر تائين هوم گرائونڊ تي ڏکڻ آفريڪا اٺ ميچون کيڏيون آهن، پروٽيز کي ستن ۾ ڪاميابي ۽ هڪ ۾ شڪست ملي.
اهڙي ريت ڏکڻ آفريڪا جو ٻن سالن دوران هوم گرائونڊ تي ٽيسٽ کٽڻ جو تناسب سڀ کان وڌيڪ 87.5 سيڪڙو آهي.
ان فهرست ۾ ڀارت ٻئي، آسٽريليا ٽئين، انگلينڊ چوٿين، سريلنڪا پنجين، نيوزيلينڊ ڇهين، ويسٽ انڊيز ستين، بنگلاديش اٺين ۽ پاڪستان نائين يعني سڀ کان بدترين پوزيشن تي آهي.
پاڪستان 2022ع کان هنيئر تائين پنهنجي سرزمين تي هڪ به ٽيسٽ ميچ ناهي کٽي سگهيو، قومي ٽيم ٻن ورهين دوران مجموعي طور تي ڏهه ميچون کيڏيون جنهن ۾ ڇهن ۾ شڪست ۽ چار ڊرا ٿيون.
پاڪستان هوم گرائونڊ تي ٽي ميچون آسٽريليا، ٻه بنگلاديش ۽ هڪ انگلينڊ کان هارائي آهي، جيڪڏهن پاڪستان جي ڊرا ميچن تي نظر ڊوڙائي وڃي ته 2022ع ۾ ٻه ميچون آسٽريليا سان ڊرا ٿيون جڏهن ته 2023ع جي شروعات ۾ نيوزيلينڊ خلاف به ٻئي ميچون بنا نتيجي ختم ٿي ويون هيون.