” خدا کان ڊڄ“ ذاڪر نائيڪ جي بيانن تي مشي خان تپي باهه
ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) ناليواري اسڪالر ذاڪر نائيڪ جي تڪراري بيانن ۽ پاڪستان ۽ قومي ايئر لائين تي تنقيد تي اداڪارا مشي خان تپي باهه ٿي وئي.
سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل وڊيو بيان ۾مشي خان ذاڪر نائيڪ کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته ذاڪر نائيڪ رياستي مهمان بڻجڻ وارو دورو ختم ٿي چڪو آهي.
هن چيو ته سدائين جيان جئين جاويد اختر ڀارت وڃي پاڪستان بابت غلط ڳالهايو، اهڙي ريت ذاڪر نائيڪ به قومي ايئرلائين کي گهٽ وڌ ڳالهايو.
مشي خان ذاڪر نائيڪ تي تنقيد ڪندي چيوته ڀارت بابت اوهان چئي رهيا آهيو ته ڀارت ڏاڍو سٺو آهي، ظاهر آهي ڀارت ۾ اوهان کي رهڻو آهي ۽ اوهان کي اتان جي حالتن جو اندازو آهي.
عورت بابت تبصري تي اداڪارا ڊاڪٽر ذاڪر نائيڪ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته هن کي انتهائي ڏک ٿيو ته اوهان عورتن لاءِ اهڙا لفظ ۽ سوچ رکو ٿا، اوهان کي مردن کي سمجهائڻ گهرجي، خدا جو خوف ڪريو ۽ پنهنجي لفظن جي چونڊ درست ڪريو.