ڪُڪ جو رڪارڊ چٽ، روٽ ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي تاريخ جي پنج عظيم بيٽرن ۾ شامل
ملتان(ويب ڊيسڪ ) انگلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي سينيئر بيٽر جو روٽ اڳوڻي ڪپتان سر اليسٽر ڪُڪ کان اهم اعزاز کسي ورتو.
جو روٽ پاڪستان خلاف ملتان ۾ جاري پهرين ٽيسٽ ميچ دوران شاندار اننگز کيڏي ۽ انگلينڊ جي طرفان ڊگهي فارميٽ واري ڪرڪيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ رنسون ٺاهيندڙ بيٽر بڻجي ويو.
روٽ پاڪستان خلاف بيٽنگ ڪندي پنهنجي اننگز جي 71 هين رنس مڪمل ڪندي اليسٽر ڪُڪ جو 12 هزار 472 رنسن جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو، روٽ اِهو ڪارنامو پنهنجي ڪيريئر 147 هين ٽيسٽ ميچ ۾ انجام ڏنو.
واضح رهي ته اليسٽر ڪُڪ 161 ٽيسٽ ميچن ۾ 12 هزار 472 رنسون ٺاهي انگلينڊ طرفان سڀ کان وڌيڪ رنسون ٺاهيندڙ بيٽر جو اعزاز حاصل ڪيو هو.
ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ رنسون ٺاهڻ جو اعزاز اڳوڻي ڀارت ڪپتان سچن ٽنڊولڪر وٽ آهي، جنهن ٻه سئو ٽيسٽ ميچن ۾ 15 هزار نوَ سئو ايڪويهه رنسون ٺاهيون هيون.
ان فهرست ۾ ٻيو نمبر آسٽريليا جي اڳوڻي ڪپتان رڪي پونٽنگ جو آهي، ريڊ بال ڪرڪيٽ ۾ 13 هزار 378 رنسون اسڪور ڪيون.
ڏکڻ آفريڪي آل رائونڊر جيڪ ڪيلس 13 هزار 289، ڀارت جو راهول ڊريوڊ 13 هزار 288 رنسن سان ترتيبوار چوٿين ۽ پنجين نمبر تي موجود آهن.
جو روٽ ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ رنسون ٺاهيندڙ رانديگرن جي فهرست ۾ پنجين نمبر تي اچي ويو آهي.