ريکا۽ اميتاڀ جي پريم ڪهاڻي جي پڄاڻي ڪيئن ٿي؟ اداڪارا حقيقت ٻڌائي ڇڏي

Spread the love

بالي ووڊ جي سينيئر اداڪارا ريکا ۽ بِگ بي اميتاڀ بچن جي لاڳاپن جو خبرون ميڊيا توڻي سوشل ميڊيا تي گردش ۾ رهيون آهن، جڏهن ته اداڪارا اميتاڀ بچن سان پنهنجا رستا ڌار ٿيڻ بابت انڪشاف ڪيو آهي.
هڪ انٽرويوءَ دوران اداڪارا ريکا انڪشاف ڪيو ته جيان بچن کيس رات جي ماني جي دعوت ڏني جنهن تي هن سوچيو ته اِها ملاقات هڪ بحث تي ختم ٿي ويندي، پر جيا بچن جو پرجوش استقبال ڏسي هو دنگ رهجي وئي هئي.
ريکا چيو ته جيا کي پهريان منهنجي ۽ اميتاڀ جي دوستيءَ تي ڪو اعتراض نه هو پر جڏهن کيس پتو پيو ته اميتاڀ جذباتي طور ان رشتي ۾ ملوث آهي ته جيا کي رنج رسيو، پوءَ هن فون جي دعوت ڏني جتي اسان ٻنهي جي وچ ۾ اميتاڀ جي معاملي تي بحث ٿيو.
ميڊيا رپورٽس موجب، جيا بچن اداڪارا ريکا کي الٽيميٽم ڏيندي چيو ته ڀلي ڇا به ٿئي مان اميتاڀ کي نه ڇڏينديس.
ريکا جيا بچن جي ڌمڪي کانپوءِ اميتاڀ کان ڌار ٿيڻ جو فيصلو ڪيو ۽ ٻئي وري ڪڏهن به وڏي پردي تي گڏ نظر نه آيا.

آڪٽوبر 9, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو