دادو: اين ٽي ايس ٽيسٽ پاس ويڪسينيٽر اميدوارن پاران هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي احتجاجي مظاهرو
دادو (رپورٽ:سرور جلال سولنگي)دادو ۾ اين ٽي ايس ٽيسٽ پاس ويڪسينيٽر اميدوارن جو هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي دادو پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي صحت کاتي خلاف سخت نعري بازي ڪئي،
ان موقعي تي مظاهرين احمد مجتبٰي ڏاهري، محمد عظيم ، محمد فتح ۽ ٻين دانهيو ته اسان ويڪسينيٽرن جي ٽيسٽ 2023 ۾ پاس ڪئي آهي پر هن مهل تائين اسان کي آفر آڊر نه ڏنا ويا آهن،
اسان 3 ڀيرا ڪراچي پي ڊي آفيس آڏو پنهنجي حق خاطر احتجاج ڪيو آهي پر اسان کي نوڪريون نه ٿيو ڏنيون وڃن، رڳو رشوت عيوض مختلف ماڻهن کي آڊر ڏنا ويا آهن، پر اسان حقي ٽيسٽ پاس اميدوارن کي آڊر ڏيڻ لاءِ تيار نه آهن
جنهن ڪري فاقاڪشي واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهيون، مظاهرين چيف سيڪريٽري سنڌ، سيڪريٽري صحت صوبائي وزير صحت ۽ وس وارن کان مطالبو ڪيو ته فوري طور 2023 جي اين ٽي ايس ٽيسٽ پاس ويڪسينيٽر اميدوارن کي آفر آڊر ڏئي نوڪري ڏئي فاقاڪشي کان بچايو وڃي.
آڪٽوبر 9, 2024