بالي ووڊ جو اُهو شخص، جيڪو 37 هزار سيڙائي 13 هزار ڪروڙن جو مالڪ بڻجي ويو
بالي ووڊ انڊسٽريءَ جي امير ترين ماڻهن جي فهرست مرتب ڪئي وڃي ته پهريون نالو اسان جي ذهن ۾ شاهه رخ خان ۽ بِگ بي اميتاڀ بچن جهڙين شخصيتن جو ايندو آهي.
پر اوهان اِهو ڄاڻي دنگ رهجي ويندا ته بالي ووڊ جي امير ترين شخصيت ڪا ٻي نه پر ” پان سنگهه تومر “ ” ٿينڪ يو“ ” مرد ڪو رد نهين هوتا “ سميت ڪيئي ڪامياب فلمون ٺاهيندڙ فلمساز سرروني اسڪريوالا آهي.
فوربز طرفان جاري ڪيل رپورٽ ۾ روني اسڪريو والا کي بالي ووڊ جو امير ترين شخص قرار ڏنو ويو آهي.
رپورٽ ۾ روني اسڪريو والا جي اثاثن جي ڪُل ماليت 1 ڏهائي 55 بلين ڊالرز يعني اٽڪل 13 هزار ڪروڙ ڀارتي رپيا ڄاڻائي وئي آهي.
پرڏيهي ميڊيا جي دعويٰ آهي ته روني ڀارتي سئنما سان واڳيل اڪيلو ارب پتي آهي جنهن جي اثاثن جي ماليت 13 هزار ڪروڙ ڀارتي رپيا آهي.
ان لسٽ ۾ ٻيو نمبر ڀوشن ڪمار جو آهي جنهن جي اثاثن جي ڪُل ماليت هڪ ڏهائي ٻه بلين ڊالر آهي، ان کانپوءِ آديتا چوپڙا ۽ شاهه رخ خان آهن جن جي اثاثن جي ماليت ساڍا اٺ سئو ملين ڊالرز کان وڌيڪ آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، روني اسڪريو والا پنهنجي ڪيريئرجي شروعات هڪ ٽوٿ برش ٺاهيندڙ ڪاروبار سان ڪئي پر 1970 کانپوءِ ڀارت ۾ سئنما جي مقبوليت کي ڏسندي روني ٽيليويزن پروڊڪشن ڪمپني ۾ 37 هزار ڀارتي رپين جي سيڙپڪار ڪئي جنهن کانپوءِ روني جي پروڊڪشن هائوس ۾ ڪيئي ڪامياب فلمون تيار ڪيون ويون.
سال 2012ع ۾ روني پنهنجي اِها ڪمپني ڊزني کي هڪ بلين ڊالر ۾ وڪرو ڪئي جنهن کي سئنما جي تاريخ جو سڀ کان وڏو معاهدو قرار ڏنو ويو.
ان کانپوءِ روني آر ايس وي پي موويز قائم ڪئي ۽ وري روني جي نئين پروڊڪشن ڪمپني سان بالي ووڊ فلم ” اُڙي“ ۽ ” ڪيدرناٿ“ جهڙيون فلمون تيار ڪري چڪو آهي.