اسپورٽس بورڊ جو ساف چيمپيئن شپ لاءِ وومين فٽبال ٽيم کي اين او سي جاري ڪرڻ کان انڪار
اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان اسپورٽس بورڊ ( پي ايس بي ) پاڪستان وومين فٽبال ٽيم کي هلندڙ مهيني شيڊيول ساف وومين چيمپيئن شپ ۾ شرڪت لاءِ اين او سي جاري ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
واضح رهي ته ساف وومين چيمپيئن شپ جا مقابلا 17 کان 30 آڪٽوبر تائين نيپال ۾ شيڊيول آهن.
پاڪستان اسپورٽس بورڊ طرفان پاڪستان فٽبال فيڊريشن ( پي ايف ايف ) ڏانهن خط لکيو ويو آهي.
خط موجب، دير سان درخواست ملڻ ۽ ضروري دستاويز تي نارملائزيشن ڪميٽي جي چيئرمين جون صحيحون نه هئڻ سبب اين او سي جاري نه ڪئي وئي.
خط ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته 12 سپٽيمبر تي پي ايف ايف کي معاملي بابت آگاهه ڪيو ويو هو، پر پي ايف ايف طرفان درخواست وقت سر ملي نه ان تي نارملائزيشن ڪميٽي جي چيئرمين جون صحي هئي.
خط جي متن موجب، پي ايف ايف جي اهڙي قسم جي ڪوتاهي سبب پي ايس بي لاءِ درخواست جي منظوري ڏيڻ ممڪن نه هو.
ذريعن موجب، پاڪستان فٽبال فيڊريشن سا وومين ڪپ لاءِ اين او سي جي درخواست 16 سپٽيمبر تي جمع ڪرائي هئي، پر درخواست تي پي ايف ايف نارملائزيشن ڪميٽي جي چيئرمين هارون ملڪ بدرنا ڪميٽي جي ميمبر شاهد کوکر صحيحون ڪيون هيون.
پاڪستان وومين فٽبال ٽيم جي تربيتي ڪئمپ اسلام آباد ۾ جاري آهي ۽ ٽيم کي 12 آڪٽوبر تي نيپال روانو ٿيڻو هو پر اين او سي نه ملڻ سبب ٽيم جي ايونٽ ۾ شرڪت تي سواليا نشان لڳي ويو آهي.
ياد رهي ته ماضي ۾ به پاڪستان جي فٽبال ٽيمون اين او سي جي حوالي سان مسئلن جو شڪار رهيون آهن، ڪيئي ڀيرا ان معاملي تي پي ايف ايف ۽ پي ايس بي آمهون سامهون ٿيا، پر ماضي ۾ معاملا آخري لمحن ۾ حل ٿيندي ٿيندي رهجي ويا هئا.