نصيرآباد شهر جا بنيادي مسئلا حل نه ٿيا، شهري اتحاد جي بک هڙتال
نصيرآباد(رپورٽر)شهر ۾ واٽر سپلاءِ مان گٽر مليل پاڻي اچڻ، اسٽريٽ لائيٽون گهٽ تعداد ۾ لڳائڻ، شهر جي صفائي سٿرائي نه ٿيڻ،
شهر ۾ ٿيل انڪروچمينٽ شهر جي مختلف چوڪن تي لڳل واٽر سپلاءِ وال هولز کي ڍڪ نه لڳرائڻ شھر جي مين روڊن ۽ بازارن ۾ سي سي ٽي وي ڪئمرائون نه لڳرائڻ خلاف سجاڳ شهري اتحاد طرفان اتحاد جي صدر آصف ڪاٺئي، منصور سومري، محمد ٽڳڙ، فاروق آڳري اعجاز علي شيخ اظھار احمد واھوچي صوفي غفار چني انور منگي بشير ڪلھوڙي ديدار کوکر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شاهه عبداللطيف پارڪ ۾ علامتي بک هڙتال ڪئي وئي.
احتجاجي بک هڙتال ۾ سياسي، سماجي تنظيمن جي اڳواڻن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته نصيرآباد شهر مسئلن جي ور چڙهي ويو آهي، ٽائون انتظاميا مسئلا حل ڪرڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي وئي آهي. مختلف هندن تان پائيپ لائين ڦاٽي پئي آهي جنهن سبب شهري گٽر مليل پاڻي استعمال ڪري رهيا آهن. شهر ۾ اسٽريٽ لائيٽون ته لڳايون ويو آهن
پر انهن جو تعداد گهٽ آهي ۽ اهي فرمائش تي ڪٿي گهٽ ڪٿي وڌ لڳايون وڃن ٿيون، اسين مطالبو ٿا ڪيون ته فرمائش تي اسٽريٽ لائيٽون لڳائڻ بجاءِ شهر جي سمورن محلن ۾ برابري جي بنياد تي لائيٽون لڳايون وڃن. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته شهر ۾ انڪروچمينٽ ايتري ته وڌي وئي آهي جو شهر ۾ پنڌ هلڻ به مشڪل بڻجي ويو آهي.
شهر ۾ ٿيل انڪروچمينٽ ختم ڪرائي، ريڙهي وارن کي متبادل جڳهه ڏني وڃي ته جيئن شهري وڌيڪ پريشاني کان بچي سگهن. اڳواڻن چيو ته شهر جي مختلف چوڪن تي لڳل واٽر سپلاءِ وال هولز جا ڍڪ کليل آهن
جنهن سبب روزانو ڪيترائي ٻار، ٻڍا ۽ عورتون ڪري زخمي ٿين ٿيون، اڳواڻن مطالبو ڪيو ته فوري طور تي وال هولز کي ڍڪ ڏيارائي شهرين کي ڪنهن وڏي نقصان کان بچايو وڃي.
آڪٽوبر 8, 2024