امن و امان جي صورتحال ڳڻتيءَ جوڳي آهي. ان لاءِ گڏجي جدوجهد ڪرڻي پوندي: عبدالرسول بلالي ۽ ٻيا
ملير (ذوالفقار علي نصيراڻي) ملير جي سماجي مسئلن جي حل لاءِ منهنجا مارو ملير جا جي نالي سان سماجي تنظيم جو بنياد وڌو ويو جنهن جي تقريب گلشن حديد ۾ منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ باضابطه طور ميمبرشپ جي شروعات ڪئي وئي تقريب کي خطاب ڪندي عبدالرسول بلالي، شبير احمد شاھ، بخشل سيال، آغا شير گل سرڪي، ڊاڪٽر نذير پنهور ۽ ٻين چيو تہ ملير کي هٿ وٺي تباهي طرف ڌڪيو پيو وڃي
مسئلن جي حل لاءِ نوجوانن کي اڳتي اچڻ گهرجي حڪومت تي ڀاڙڻ بجاءِ پنهنجا مسئلا پاڻ حل ڪرڻ گهرجن اسان سڀني کي همٿ ڪرڻي پوندي جيئن اسان پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿيون ھنن چيو ته ملير کي اسان پنهنجو ڳوٺ سمجهون ٿا جتي اسان پنهنجو مستقل مسڪن جوڙيو آهي اميد تہ علائقي واسي پيار ڀريو اعتماد ۽ ساٿ ڏيندا اسين حتي الامڪان ڪوشش ڪنداسين تہ مثبت دڳ ۽ شاندار شاهراھ جوڙڻ ۾ ڪامياب ٿيون سماجي معاملن تي ڳالهائيندي هنن چيو تہ امن و امان جي صورتحال ڳڻتيءَ جوڳي آهي. ان لاءِ گڏجي جدوجهد ڪرڻي پوندي انتظاميا اگهور ننڊ ستل آهي، روڊن رستن جي حالت خراب آهي بجلي پاڻي جو بحران آهي
اسان کي پنهنجا حق کسي وٺڻا پوندا هنن وڌيڪ چيو ته اتحاد ۾ برڪت آهي، اتحاد ۽ ٻڌي سان اسان پنهنجا سمورا ڪم آساني سان ڪري سگهون ٿا سماجي مسئلن کي انتظاميا طرفان حل نٿو ڪيو وڃي ان لاءِ منهنجا مارو ملير جا جو قيام عمل ۾ آندو اٿئون
جيئن هڪٻئي جي ساٿ سان سماجي مسئلا جهڙوڪ صفائي، پاڻي، گئس، بجلي، اسٽريٽ لائيٽ ۽ امن و امان کي حل ڪري سگهجي اسان کي گهرجي تہ هڪٻئي سان تعاون ڪريون ان موقعي تي بشير احمد ابڙو، منظور لولائي، اصغر باغي، نواز سومرو، فيض خاصخيلي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.
آڪٽوبر 8, 2024