” ملتان جي پِچ بالرن لاءِ قبرستان قرار“ اڳوڻن ڪرڪيٽرن جي تنقيد

Spread the love

ملتان ٽيسٽ ۾ پاڪستاني بيٽرن جي شاندار بيٽنگ سبب اڳوڻا انگلش ڪرڪيٽر پِچ کي تنقيد جو نشانو بڻائڻ لڳا.
ملتان ٽيسٽ جو پهريون ڏينهن بيٽرن جي نالي رهيو، پاڪستان انگلينڊ خلاف شان مسعود ۽ عبدالله شفيق جي سينچرين جي مدد سان چئن وڪيٽن جي نقصان تي 328 رنسون ٺاهي ورتيون آهن.
پاڪستان بيٽرن جي شاندار بيٽنگ کانپوءِ اڳوڻي انگلش ڪپتان ڪيون پيٽرسن ۽ مائيڪل وان ملتان جي پِچ تي تنقيد ڪئي آهي.
سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي ٽوئيٽ ۾ ڪيون پيٽرسن لکيو ته ” ملتان جي وڪيٽ بالرن لاءِ قبرستان آهي. “
اڳوڻي انگلش ڪپتان مائيڪل وان به ايڪس جو سهارو وٺندي چيو ته ” ملتان جي وڪيٽ روڊ جو منظر پيش ڪري رهي آهي. “
هن وڌيڪ چيو ته شان مسعود جي بيٽنگ وڻي، پاڪستاني ڪپتان ڪنڊيشن کي سمجهي چڪو آهي ۽ کيس پِچ مان مدد ملي رهي آهي.

آڪٽوبر 7, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو