سلمان خان کي بِگ باس جي ميزباني لاءِ ماهوار ڪيترو معاوضو ملندو؟

Spread the love

بالي ووڊ سپر اسٽار سلمان خان نه رڳو مهانگو اداڪار پر ڀارتي ٽي وي جو مهانگو ترين ميزبان پڻ بڻجي چڪو آهي جنهن جو انڪشاف ويجهڙائي ۾ ڀارتي ميڊيا ڪيو آهي.
پنج ۽ ڇهه آڪٽوبر تي مقبول رئيليٽي شو بگ باس جي 18 هين سيزن جو پريميئر ٿيو جنهن ۾ اميدوارن جو تعارف ناظرين سان ڪرايو ويو.
ان شو جي ميزباني اميتاڀ بچن به ڪري چڪو آهي پر سلمان خان جڏهن کان ميزباني شروع ڪئي تڏهن کان ئي شو ۾ ڄڻ نئون روح ڦوڪجي ويو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، بگ باس جي 18 هين سيزن لاءِ سلمان خان جي معاوضي بابت خبرون گردش ڪري رهيون آهن ته اداڪار کي شو جي ميزباني جا هر مهيني سٺ ڪروڙ ڀارتي رپيا ملندا.
ميڊيا رپورٽس موجب، جيڪڏهن سيزن 15 هفتن تائين جاري رهيو ته سپر اسٽار کي اٽڪل اڍائي سئو ڪروڙ ڀارتي رپيا معاوضي طور ملندا.
پرڏيهي ميڊيا جو چوڻ آهي ته سلمان خان جو اِهو معاوضو فلم باهو بلي ٽو، جوان، ليو، استري ٽو ۽ اينيمل جي بجيٽ کان به وڌيڪ آهي.
2021ع ۾ سلمان خان هڪ قسط جي ميزباني لاءِ ٽي ڪروڙ ڀارتي رپيا معاوضو ورتو هو.
واضح رهي ته نئين سيزن جي اميدوارن ۾ چاهت پانڊي، ڪرن وير مهرا، چم درنگ، رجت دلال، مسڪان بامني، عارفين خان، نيا شرما، اويناش مشرا، ويوين ڊيسينا، ايلس ڪوشِڪ، شروتيڪا ارجن ۽ نائرا بئنرجي جهڙا مشهور نالا شامل آهن.

آڪٽوبر 7, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو