ملير : ابراهيم حيدري پوليس پاران ڇاپو، جوابدار  گرفتار ، زخمي اهلڪار اسپتال منتقل

Spread the love

ملير (ذوالفقار علي نصيراڻي) ابراهيم حيدري پولیس جو پيشيور ڏوهاري جي موجودگي جو اطلاع ملڻ تي ڇاپو، جوابدار جي عزيزن ۽ پوليس ۾ جهڙپون، جوابدار گرفتار زخمي اهلڪار اسپتال منتقل، ابراهيم حيدري ۾ آئي جي سنڌ جي ٽاسڪ فورس جو گٽڪي جي فيڪٽري تي ڇاپو، وڏي مقدار ۾ گٽڪو، سوپاريون ۽ مشينري هٿ تفصيل موجب ابراهيم حيدري پولیس پيشيور ڏوهاري جي علي اڪبر ڳوٺ ۾ موجودگي جو اطلاع ملڻ تي ڇاپو هنيو،

پوليس کي جوابدار جي عزيزن چئني پاسن کان گهيري ورتو پوليس ۽ جوابدار جي عزيزن ۾ وڏي دير تائين چڪريون رهيون، پوليس جوابدار سڌيس ولد صديق کي گرفتار ڪري ورتو

جڏهن ته زخمي اهلڪارن کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو، ٻئي طرف ابراهيم حيدري ۾ آئي جي سنڌ جي ٽاسڪ فورس  گٽڪي جي فيڪٽري تي ڇاپو هڻي وڏي مقدار ۾ گٽڪو، سوپاريون ۽ مشينري هٿ ڪيون آهن، ٽاسڪ فورس موجب جوابدار گٽڪو ٺاهي مختلف علائقن ۾ سپلائي ڪندا هئا، ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

آڪٽوبر 6, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو