”انگلينڊ وارا تيز کيڏندا ۽ غلطيون ڪندا، اسان کي غلطين مان فائدو وٺي سيريز کٽڻي آهي“
ملتان (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم نائب ڪپتان ۽ مڊل آرڊر بيٽر سعود شڪيل چيو آهي ته انگلش ٽيم جارحاڻي انداز ۾ کيڏندي آهي، ان ۾ غلطيون به ٿينديون، انڪري انهن کان وڌيڪ غلطيون ڪرائي سيريز کٽڻ جي ڪوشش ڪنداسين.
ملتان ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سعود شڪيل چيو ته اڃا ٽيسٽ سيريز ۾ هڪ ڏينهن باقي آهي، خبر ناهي ته پچِ تي گاهه هوندو يا نه، انڪري في الحال حڪمت عملي بابت ڪجهه نٿو ٻڌائي سگهان.
بابر اعظم بابت سوال تي سعود شڪيل چيو ته بابر اعظم وائيٽ بال جي ڪپتاني ڇڏي آهي ۽ اسان ريڊ بال ڪرڪيٽ کيڏي رهيا آهيون انڪري ڪجهه نٿو چئي سگهان، استعيفيٰ ڏيڻ هر ڪنهن جو پنهنجو فيصلو آهي.
هن بالنگ لائين اَپ جي حوالي سان چيو ته شاهين آفريدي بالنگ ڪري رهيو آهي ۽ سڀني ڏٺو آهي، سندس فٽنس بابت ڪجهه نٿو چئي سگهان، اسان ضرورت موجب کيڏڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون، جڏهن ضرورت هوندي آهي ته اسان تيز کيڏندا آهيون.
مڊل آرڊر بيٽر اِهو به چيو ته ڪپتان وٽ ڏسڻ لاءِ وڌيڪ شيون هونديون آهن جڏهن ته نائب ڪپتان تي اهڙي قسم جو دٻاءُ ناهي هوندو، بنگلاديش جي سيريز ماضيءَ جو حصو ٿي چڪي آهي هاڻ سمورو ڌيان انگلينڊ خلاف سيريز کٽڻ تي کتل آهي.
سندس چوڻ هوته انگلش ٽيم تيز ڪرڪيٽ کيڏي ٿي، جنهن ۾ غلطيون پڻ ٿينديون آهن انڪري انگلش ڪرڪيٽ کان وڌيڪ غلطيون ڪرائي سيريز کٽڻ جي ڪوشش ڪنداسين.