ڪنهن کي ريڊ زون ڀرسان ڀٽڪڻ نه ڏينداسين: عطاءُ الله تارڙ

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته اسان ريڊ زون ڀرسان ڪنهن کي ڀٽڪڻ نه ڏينداسين، اڳ به پي ٽي آءِ چيني صدر جو دورو دير جو شڪار ڪرايو، چاهيون ٿا ڪو پاڪستان اچي ته هاڪاري تاثر کڻي وڃي.
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عطاءُ الله تارڙ چيو ته ايس سي او بهترين انداز ۾ هلندي، توهان 4 سالن ۾ ملڪي معيشت تباهه ڪري ڇڏي، اڄ ڪو پنجاب ۾ عثمان بوزدار جو نالو نٿو کڻي، جيڪو ڪم ڪندو آهي اهو نظر ايندو آهي.
هن چيو ته خيبر پختونخواهه کي لٽيو پيو وڃي، وڏو وزير سرڪاري مشينري استعمال ڪري رهيو آهي، مهانگائي سڄي ملڪ ۾ گهٽجي رهي آهي پر خيبر پختونخواهه ۾ نه.
سندس چوڻ هو ته بئريسٽر سيف جي شنڪر کي دعوت ڏني، هن ٻين ملڪن کي دعوت ڇو نه ڏني، ٻڌايو وڃي ته ڌرڻي جو مقصد ڇا آهي.

آڪٽوبر 5, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو