سکر: آرٽس ڪائونسل جي ڊراما شعبي پاران مرحوم مظھر شيخ جي ياد ۾ ٽن ڏينهن وارو ڊراما فيسٽول شروع

Spread the love

سکر (بيورو رپورٽ ماجد منگي )سکر آرٽس ڪائونسل جي ڊراما شعبي طرفان مرحوم مظھر شيخ جي ياد ۾ ٽن ڏينهن وارو ڊراما فيسٽول سينگار علي سليم آڊيٽوريم ۾ شروع ڪيو ويو آھي ان ڊراما فيسٽول جو افتتاح سنڌ جي نامياري مزاحيه اداڪار سھراب سومرو ڪيو.

ان موقعي تي ھن ڳالھائيدي چيو ته ھن وقت گھٽ ٻوسٽ مھانگائي واري ڏينھن ۾ اھڙا ڊراما پريشانين کان ٻاھر ڪڍي اچن ٿا.سکر ارٽس ڪائونسل جي قائم ٿيڻ سان مونکي ڏاڍي خوشي ٿي آھي مان پاڻ ھتي ڪيترائي ڊراما ڪيا آھن مرحوم مظھر شيخ منھنجو دوست ھيو.ان جي ياد ۾ سکر آرٽس ڪائونسل ڊراما فيسٽول طرفان ڪرايل ھي فيسٽول بھترين قدم آھي.

جڏھن  ته فيسٽول جي پھرين ڏينھن تي سنڌ جي نامياري ڪھاڻيڪار امرجليل جي لکيل ڪھاڻي اروڙ جو مست وفا دلدار جي ڊائريڪشن ۾ پيش ڊرامي جي شڪل ۾ پيش ڪيوويو.جنھن ۾  شھرين جي وڏي تعداد شرڪت ڪئي ڊرامو ڏٺو ۽ تاڙين جي گونج ۾ خوب داد ڏنو.جڏھن نه مھمان خاص طور سکر آرٽس ڪائونسل جي صدر ممتاز بخاري سميت سمورن عھديدارن ميمبرن پڻ  شرڪت ڪئي.

آڪٽوبر 5, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو