ڊيويليئرز، بابر جي ڪپتاني ڇڏڻ واري فيصلي کي سٺو سنئوڻ قرار ڏئي ڇڏيو
ڪيپ ٽائون ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي ڏکڻ آفريڪي ڪپتان اي بي ڊيويليئرز بابر اعظم جي ڪپتاني ڇڏڻ واري فيصلي کي سٺو سنئوڻ قرار ڏئي ڇڏيو.
بابر اعظم جي استعيفيٰ واري فيصلي تي اي بي ڊيويليئرز سوشل ميڊيا تي بابر اعظم کي مخاطب ڪندي چيو ته اوهان جو سفر انتهائي شاندار رهيو، اوهان بيٽر طور پنهنجي ٽيم لاءِ تمام گهڻيون رنسون ٺاهيندئو.
ياد رهي ته بابر اعظم گذريل رات پاڪستان جي وائيٽ بال ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتاني تان استعيفيٰ ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو.