پسٽل مان گولي ڇُٽڻ سبب زخمي گووندا جي صحت بابت اهم اَپ ڊيٽ جاري

Spread the love

ممبئي (ويب ڊيسڪ) پنهنجي ئي لائسنس يافته پسٽل مان گولي ڇٽڻ سبب زخمي ٿيندڙ بالي ووڊ اداڪار ۽ سياسي اڳواڻ گووندا پنهنجي چاهيندڙن لاءِ آڊيو پيغام جاري ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، گووندا پنهنجي پيغام۾مداحن جي دعائن ۽ نيڪ خواهشن جو ٿورا مڃيندي پنهنجي طبعيت بابت آگاهه ڪيو.
اداڪار چيو ته پرستارن، والدين ۽ سندس گروءَ جي دعائن کيس بچائي ورتو آهي، مون کي گولي لڳي هئي، جيڪا هاڻي ڪڍي وئي آهي، ڊاڪٽرن جي محنت ۽ مدحن جي دعائن تي سندن ٿورائتو آهيان.
واضح رهي ته گووندا اڄ صبح اٽڪل چار لڳي 45 منٽن تي گولي لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو هو، هو هڪ شو لاءِ صبح ڇهين وڳي جي فلائيٽ ۾ ڪولڪتا وڃي رهيو هو.
اداڪار جي مئنيجر ششي سنها پنهنجي بيان ۾ ٻڌايو ته سندن ڪولڪتا ۾ هڪ شو شيڊيول هو ۽ صبح ڇهين وڳي جي فلائيٽ هئي، هو ايئرپورٽ پهچي چڪو هو ۽ گووندا نڪري رهيو، ان دوران سندس ريوالر مان غلطي سان گولي ڇٽي جيڪا سندس ڄنگهه ۾ وڃي لڳي.

آڪٽوبر 1, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو