دادو: متحد مرڪزي مارڪيٽ ايسوسيئيشن پاران محفل ميلاد مصطفيٰ ﷺ پراڻي سبزي منڊي ۾ منعقد
دادو (رپورٽ:سرور جلال سولنگي) متحد مرڪزي مارڪيٽ ايسوسيئيشن دادو پاران محفل ميلاد مصطفيٰ ﷺ پراڻي سبزي منڊي ۾ منعقد ڪيو ويو، محفل میلاد مصطفي ﷺ ۾ دادو جي واپارين، دڪاندارن ۽ شهرين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي،
خصوصي آمد ۽ خطاب قبلا سائين ميان منير احمد مشوري المعروف سائين قرب ڌڻي بادشاھ درگاھ عاليه حضرت مشوري شريف لاڙڪاڻو جن فرمائي تہ حضور ﷺ جي زندگي اسان لاءِ مشعل راھ آھي،
جنھن تي عمل ڪري دنيا ۽ آخرت ۾ ڪاميابي حاصل ڪري سگھون ٿا. اڄ جي دور ۾ عوام بيمارين ۽ ٻين مسئلن ۾ جڪڙيل آھي، جنھن جي اصل ڪارڻ دين کان پري هجڻ آهي. جيڪڏھن اسان کي پنھنجي زندگي مان مشڪلاتون ختم ڪرڻيون آھن، ته سھڻي حبيب محمد ﷺ جي ڏسيل واٽ تي هلڻ گهرجي،
ان موقعي تي انجمن تاجران ضلعي دادو جي صدر محمد امين جمالي، جنرل سيڪريٽري غلام نبي لغاري ۽ ٻين شرڪت ڪئي،ايس ايس پي دادو پاران سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا هئا.
آڪٽوبر 1, 2024