سنڌ حڪومت جي سمورن کاتن ۾ ڪرپشن جي بازار گرم آھي: عبدالحميد سومرو

Spread the love

ميھڙ(رپورٽر) ايس ٽي پي ضلع دادو جي نئين چونڊجي آيل صدر عبدالحميد سومرو پنھنجي پريس بيان ۾ چيو آھي ته ميھڙ تعلقي سميت سموري ضلع دادو جي تمام سرڪاري کاتن جھڙوڪ روينيو کاتو آبپاشی کاتو صحت اتو لائيو اسٽاڪ فشريز کاتو  زراعت کاتو  واپڊا کاتو گيس کاتو  پوليس کاتو  ٽريزري کاتو روڊس کاتو  بلڊنگ کاتوڌ تعليم کاتو پبلڪ ھيلٿ کاتو ميونسپل ڪاميٽيز ٽائون ڪاميٽيز يونين ڪائونسل ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي تمام کاتن ۾ ڪرپشن ۽ رشوت جي بازار گرم لڳي پئي آھي ماڻھو بيروزگاري ۽ مھنگائي جي چڪي ۾ پيسجي رھيا آھن

۽ نااھل حڪمران پنھنجي عياشين ۾ پورا آھن دوائون کير کنڊ سبزين گوشت اٽو چانور فروٽ جا اگھ عوام جي پھچ کان ڏور آھن امن امان جي صورتحال خراب آھي تعليمي ادارن ۾ ڪتابن جي کوٽ بجلي پاڻي جي سھولت اڻ لڀ آھي  لوڪل گورنمينٽ جا ادارا تباھ لڳا پيا آھن روڊ رستا تباھ لڳا پيا آھن لائيو اسٽاڪ جي اسپتالن کي تالا لڳا پيا آھن اسپتالن ۾ ڊاڪٽرن ۽ دوائن جي کوٽ برقرار آھي ضلع جا انجنيئر ايس ڊي او ۽ ٺيڪيدار ڪرپشن ۾ پورا آھن

آبپاشي آفيسر ٻوڏ جي نالي تي ريڪارڊ ڪرپشن ڪري ويا سرڪاري آفيسر خراب گاڏين جي نالن تي پيٽرول جي مد ۾ ڪرپشن ڪرڻ مختيارڪار ۽ اي سي ڪرپشن ۾ پورا واپارين طرفان شين جا من پسند اگھ مقرر چيڪ بيلنس ڪرڻ وارا گم اسين ضلع دادو جي تمام لاڳاپيل ضلع آفيسرن کي ٻڌائڻ چاھيون ٿا ت پنھنجو قبلو عوام سان درست ڪريو عوام کي انھن جي مسئلن جي ترت رليف ڏيو ٻي صورت ۾ ايس ٽي پي ضلع دادو طرفان اڻ کٽندڙ پرامن احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي.

سيپٽمبر 27, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو