نگران حڪومتي دور ۾ ڀرتي ٿيندڙ ملازمن کي برطرف ڪرڻ فيصلو

Spread the love

پشاور (ويب ڊيسڪ ) خيبرپختونخوا حڪومت طرفان نگران حڪومتي دور ۾ ڀرتي ٿيندڙ هزارين ملازمن کي گهرو ڀيڙو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
خيبرپختونخوا جي قانون واري وزير آفتاب عالم آفريدي پنهنجي بيان ۾ چيو ته نگران حڪومت غير قانوني طور تي غير آئيني ڪم ڪيو، آئين ۽ اليڪشن ايڪٽ ۾ به نون ملازمن جي ڀرتين بابت نگران حڪومت کي اجازت نه آهي.
صوبائي وزير موجب، نگران حڪومتي دور ۾ ڀرتي ٿيل سمورن ملازمن کي قانون سازي ذريعي گهر ڀيڙو ڪرڻ جون تياري ڪري رهيا آهيون.
قانون واري وزير چيو ته ملازمن کي لڪائڻ لاءِ مختلف کاتن به غلط بياني ڪئي، بيوروڪريسي پهريان 18 سئو ٻڌايا، دٻاءُ وڌائڻ تي اٽڪل ڇهه هزار نالا سامهون آيا.

سيپٽمبر 26, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو