سانگهڙ لڳ اسڪولي شاگردن سان روڊ حادثو، ھڪ شاگرد زخمي ۽ ھڪ فوت
سانگهڙ(رپورٽ:شاهنواز رونجهو) سانگهڙ ويجهو اسڪولي شاگردن سان روڊ حادثو ھڪ شاگرد محمد امين ڪارڙو فوت سندس ڀاء جادم سخت زخمي گڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد منتقل، ورڪشاپ لڳ اوڍ واسي اسڪولي شاگرد اسڪول مان موڪل ٿيڻ بعد پنهنجي ڳوٺ وڃي رهيا هئا ته ٽريڪٽر ٽرالي سان ٽڪر هڪ شاگرد 10 ساله محمد امين ڪارڙو فوت ٿي ويو سندس ڀاء جادم ڪارڙو زخمي ٿي پيو جنھن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد ريفر ڪيو ويو آهي،
ٻئي پاسي اطلاع ملندي ئي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ٽريڪٽر ٽرالي کي پنهنجي تحويل ۾ ورتو جڏھن ته ٽريڪٽر جو ڊرائيور موقعي تان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، پوليس پاران جوابدار ڊرائيور جي ڳولا جاري آھي.
سيپٽمبر 26, 2024