درٻيلو جي سياسي سماجي اڳواڻ سيد اڪبر شاهه پاران گورنمينٽ پرائمري اسڪول نيو تڪ ٺاروشاھه جو دورو
ٺاروشاھه ( رپورٽ: اسد سولنگي) درٻيلو جي سياسي سماجي اڳواڻ سيد اڪبر شاهه پاران گورنمينٽ پرائمري اسڪول نيو تڪ ٺاروشاھه جو دورو ڪيو ۽ 200کان مٿي غريب شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ مفت ڪتاب ڪاپيون ۽ اسڪولي بيگس تقسيم ڪيا
جڏهن ته اسڪول جي هيڊماستر استاد فرقان ملڪ، سائين ارشاد سولنگي، استاد ذوالفقار سولنگي سميت ٻين استادن سندن آجيان ڪئي ۽ اسڪول ۾ پيئڻ جي ٿڌي پاڻي، سولر پلانٽ سميت ٻين مسئلن کان آگاهه ڪيو
ان موقعي تي سيد اڪبر شاهه جو چوڻ هو ته سرڪاري اسڪولن ۾ سهولتن جي کوٽ هئڻ ۽ سخت گرمي ۾ شاگردن جي تعليم متاثر ٿي رهي آهي سندن ڪوشش آهي ته پنهنجي وس آهر مدد ڪئي وڃي
هن چيو ته جلد نيو تڪ اسڪول ۾ سولر پلانٽ لڳرايو ويندو جيئن معصوم ٻار گرمي کان بچي سگهن ۽ سندن تعليم متاثر نه ٿئي
سيپٽمبر 26, 2024