نيها ڪڪڙ جي طلاق جا افواهه، مڙس خاموشي ٽوڙي ڇڏي

Spread the love

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ گلوڪار روهن پريت سنگهه پنهنجي گهرواري گلوڪاره نيها ڪڪڙ سان طلاق واري افواهن تي خاموشي ٽوڙي ڇڏي.
سوشل ميڊيا تي بالي ووڊ جي گلوڪار جوڙي جي وچ ۾ ڪيتري عرصي کان عليحدگي جو خبرون هلي رهيون آهن.
روهن پريت سنگهه هڪ انٽرويو ۾ ڳالهائيندي چيو آهي ته افواهون ته افواهون هونديون آهن، اهو سچ ناهي اهي ماڻهن جي وات جو ڳالهيون آهن، جنهن جيڪو وڻي چوي اسان جي ذاتي رشتي کي ڪو به فرق نه پوندو.
گلوڪار روهن پريت سنگهه وڌيڪ چيو ته ماڻهن جو ڪم آهي ٺٺول ڪرڻ اها انهن کي ڪرڻ ڏيو. اسان جو رشتو مضبوط آهي، اسان پنهنجي حساب سان زندگي گذاريندا آهيون.
ياد رهي ته گلوڪار جوڙي روهن پريت سنگهه ۽ نيها ڪڪڙ 2020 ۾ شادي ڪئي هئي.

سيپٽمبر 25, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو