شدت پسندي هن خطي جو شيوو ناهي

Spread the love

رياض ابڙو

جديد معاشرن جي جوڙجڪ ۽ بنيادپرستي جو خوف، نائين اليون هجي يا نائين مئي هجي شيون ۽ ڳالهيون ورهائجي ٿيون وڃن. ماڻهن ۾ هڪ خوف به هجي ٿو ته آخر ڇا ڪجي؟ ڪنهن جي پاسي ٿي ڳالهائجي، ڪنهن جي وٽِ وٺجي يا ڪنهن کي صحيح ۽ غلط ڪجي. ان ڪري ته قانون ۽ اختياريون پاڻ نااهل ۽ ناقابل يقين ٿي ٿيون پون. ڪورٽون پاڻ قانون کپائي گذارو ٿيون ڪن ته پوءِ ماڻهو ڇا ڪري، سوال گهڻا آهن. پر قانون ڪنهن جي هٿ ۾ نه ٿو ڏئي سگهجي. جي ائين ڪبو ته هر ماڻهو ٻئي جي نظر ۾ ڪافر آهي يا سولو ڪري چئون ته هر مسلمان ٻئي جي نظر ۾ ڪافر آهي ۽ ڪافر ئي آهن جيڪي اسان کي مسلمان ٿا سمجهن ۽ سڏين. عام رعايا ان ڳالهه جو يقين ڪري ته رياست اڃان تائين مسلم آهي ۽ 7 سيپٽيمبر 1974 تي ڀٽي صاحب جو پاس ڪيل قانون ان رسالت جي تحفظ جي هڪ ڪڙي آهي، ان ڪري ماڻهو پنهنجي هٿ ۾ قانون نه کڻي.

پر هاڻوڪي دورن ۾ شدت پسندي کي هٿ وٺي هوا ڏني ٿي وڃي، جيڪڏهن ڪنهن جي وات مان وهي ٿو وڃي ته ان جي پويان بندقون کڻي نڪري ٿا پون، پر جيڪڏهن ڪنهن جي مٿان ڪو گناھ سرزد ٿئي ته رياست جو قانون گردش ۾ اچي ۽ ان ماڻهو کي مثال بڻائي. پر شدت پسندي هر صورت ڪم جي ناهي ڇو جو شيطانگيري انسانيت جي امن کي تباھ نه ڪري ٿي ڇڏي. اسان وٽ شدت جي گنجائش ناهي، اسان جي خطي ۾ طالبانائيزيشن ناهي، اسان جي خطي ۾ ڪو به ماڻهو ڪنهن به فرقي جو دشمن ناهي، سڀ صوفي ۽ فقيرمنش آهن. رستي تي فرقيواريت جو گوڙگهمسان ڏسي به چپ ڪري ٽپي ٿا وڃن، پر ڪنهن کي نقصان جو نه ٿا سوچن. ڇو ته شدت پسندي هن خطي جو شيوو ناهي ۽ ڪير به ڪنهن جو دشمن ناهي، سڀ فرقا پنهنجي پنهنجي رنگ ۽ سمت ۾ مست ۽ الست آهن، ڪير ڪنهن کي ايذائي نه ٿو. ان ڪري شدت پسندي گهٽ ۾ گهٽ هتي نه هجي ۽ سڀ امن سا رهڻ ٿا چاهن، سڀني کي آرام ۽ سڪون کپي، ڪير به ڪنهن جي لاءِ کڏ نه ٿو کوٽي، وڏن شهرن ۾ جنرل ضياءَ جي دور ۾ وڏي شدت ڏٺي وئي جو شيعن جو عبادگاهون سنين جي هٿئون محفوظ نه هيون ۽ شيعا سنين جي خلاف هٿياربند هيا، پر هاڻي ائين هرگز ناهي. ڪير ڪنهن جي وليئن، خدائن، پيرن، فقيرن ۽ الله جي ٻانهن جي خلاف ناهي، سڀ درگاهن تي اچي وڃي سگهن ٿا، سڀ نمازون پڙهي ۽ پڙهائي سگهن ٿا. ان ڪري جو هي افغانستان ناهي نه ئي هتي طالباني دور جا ڪي باب رهيل آهن، ان ڪري امن سان رهو ۽ امن سان ٻين کي به جيئڻ ڏيو.

هر ڪنهن کي جيئڻ ڏيو ۽ جيئڻ جو حق ڪنهن کان نه کسيو. رياست جي اصولن ۾ جيڪي به قومي مفاد آهن اهي دين ۽ ڌرم کان آجا آهن، اهي رياستي اصول ڪنهن به ڊينمارڪ کي به تسليم ڪن ٿا ته اهي سويزرلينڊ کي اف نه ٿا چون ته اهي پنهنجي ملڪ ۾ به ماڻهن جي ۽ اقليتن جي تحفظ کي به يقيني بڻائين ٿا. ان ڪري انسان کي مارڻ جو حق ڪنهن کي ناهي، ڪير ڪنهن کان حياتي کسي نه ٿو سگهي، ڪير ڪنهن جو بي سبب دشمن نه ٿو سگهي. قرآن شريف پاڻ اهڙا سبق پيش ٿو ڪري جنهن ۾ پنهنجي پاڙيسري جو خيال رکڻ به مومن جي نشاني ۾ هجي ٿو ته پوءِ ضروري ناهي ته هر پاڙيسري مومن ئي هجي، ان جا مثال مغربي دنيا مان به وٺي سگهجن ٿا. ان ڪري انسانيت جي تعظيم ۽ عزت ديني فرضن ۾ شامل آهي.

سيپٽمبر 25, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو