پارليماني سياست تي ويساھ رکڻ وارن کي ب برداشت نه ٿو ڪيو وڃي: حسن مينگل

Spread the love

ڪراچي (رپورٽ: ثناء ﷲ هڪڙو ) ممتاز بلوچ دانشور, اديب اور قانوندان حسن مينگل چيو آھي ت بلوچستان ۾ بدامني کي ھٿي ڏيارڻ ۾ رياست ۽ ادارن جو وڏو ڪردار آھي ـ پارليماني سياست تي ويساھ رکڻ وارن کي ب برداشت نه ٿو ڪيو وڃي ـ

اھڙو اظهار ھن گذريل ڏينھن باجوا ھاءوس تي سندس مان ۾ منعقد ڪيل دوستاڻي ويھڪ ۾ ڳالھاءيندي ڪيوـ حسن مينگل چيو ته سردار اختر مينگل جي استعفا مان ثابت آھي ت رياست بلوچستان جي مسءلي کي حل ڪرڻ ۾ سنجيدھ نھ آھي ـ ھن چيو بلوچستان ۾ پنجابي وڏي تعداد ۾ آباد آھن ۽ انھن کي ڪو خطرو ڪونھي ـ

اھي ڪاروبار ڪن ٿا ۽  اسيمبلي جا ميمبر آھن ـ  حسن مينگل چيو بلوچ چاھين ٿا ته سندن عزت ڪءي وڃي پر نواب نوروز خان کان اڪبر بگٽي تاءين رياست ۽ ايسٽبلشمنٽ سڀني سان زيادتيون ڪيون آھن ـ

 ھن چيو ته بلوچن جا انساني حق ۽ وسيلا پامال ڪيا ويا آھن ـ ھن چيو بلوچ مسنگ پرسنز جي آزادي وڏو معاملو آھي ۽ ان تي بلوچن سميت ٻين ھمدردي ڪندڙن جو آواز ب دٻايو پيو وڃي ـ ھن چيو ت تازي دھشتگردي جي لھر ۾ جتي ٻاھرين قوتن جو عمل دخل آھي اتي ايسٽبلشمنٽ جو ب وڏو عمل دخل آھي ـ

ان موقعي تي عبدالرزاق چيو ته پنجاب جي ٻارنھن ڪروڙ عوام ۾ ڳڻتي جي لھر آھي ـ پنجابي مزدورن جو قتل افسوسناڪ آھي ـرزاق باجوا چيو ت پنجاب ۽ بلوچستان جا لاڳاپا صديون پراڻا آھن ۽ انھن ۾ ويجھڙاءي ھجڻ گھرجي ۽ ھڪٻءي جي ڏک سک ۾ ساٿ ڏيڻ گھرجي ـ

 تقريب ۾ سرگرم انارڪسٽ وليم صادق, انجمن ترقي پسند مصنفين ڪراچي سنڌ جي صدر رياض شاھد دايو, الياس حسيني, گل محمد منگي, مرزا الياس, اسلم بيگ, ڪامريڊ رشيد تاج, ثناء اللھ گھنيو, فاروق گھنيو, نادر عباس, نعيم شيخ, راجا رشيد ڪشميري, مجروح ڪالاڻي, منور شاھ ۽ ٻين ب اظھار خيال ڪيو.

سيپٽمبر 25, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو