ليفٽيننٽ جنرل محمد عاصم ملڪ کي ڊي جي (آءِ ايس آءِ) مقرر ڪرڻ آرمي چيف جو بهترين فيصلو آهي: سيد شفقت علي شاهه

Spread the love

سکر (بيورو رپورٽ) سياسي ۽ سماجي اڳواڻ ايڊووڪيٽ سيد شفقت علي شاهه چيو آهي ته ليفٽيننٽ جنرل محمد عاصم ملڪ کي ڊي جي (آءِ ايس آءِ) مقرر ڪرڻ آرمي چيف جو بهترين فيصلو آهي، اهڙي قدم کي ڀليڪار ڪندي چيو آهي ته انٽرنل سروسز انٽيليجنس (آءِ ايس آءِ) جي ملڪي سلامتي ۽ قربانين جي ڪردار کي وساري نه ٿو سگهجي۔

پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ آءِ ايس آءِ جي نئين ڊائريڪٽر جنرل ليفٽيننٽ جنرل محمد عاصم ملڪ جي مقرري جي آجيان ڪئي ۽ مادر وطن جي دفاع کي مضبوط ڪرڻ لاءِ آءِ ايس آءِ جي آفيسرن ۽ جوانن جي ڪردار کي ساراهيندي ايڊووڪيٽ سيد شفقت علي شاهه چيو ته قومي سلامتي، استحڪام ۽ خوشحالي لاءِ آءِ ايس آءِ جي ڪوششن ۽ قربانين کي وساري نه ٿو سگهجي، جڏهن ته انٽرنل سروس انٽيليجنس آءِ ايس آءِ محمد عاصم ملڪ جو ڊائريڪٽر جنرل مقرر ٿيڻ آرمي چيف جو بهترين فيصلو آهي،

ليفٽيننٽ جنرل محمد عاصم ملڪ تمام گهڻو تجربيڪار ۽ مهارت رکندڙ آهي، ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل عاصم ملڪ 30 سيپٽمبر تي پنهنجو عهدو سنڀاليندو. نئين ذميواري جيڪا ملڪ لاءِ هڪ بهترين مثال هوندي، ليفٽيننٽ جنرل عاصم ملڪ هن وقت جي ايڇ ڪيو ۾ ايڊجوٽنٽ جنرل جا فرض سرانجام ڏئي رهيو آهي.

ان کان اڳ هن بلوچستان ۾ انفنٽري ڊويزن ۽ وزيرستان ۾ انفنٽري برگيڊ جي ڪمانڊ ڪئي هئي۔ چيف انسٽرڪٽر اين ڊي يو ۽ انسٽرڪٽر ڪمانڊ اينڊ اسٽاف ڪاليج ڪوئيٽا کي به رهي چڪو آهي. رائل ڪاليج آف ڊفينس اسٽڊيز جو گريجوئيٽ پڻ آهي.

سيپٽمبر 25, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو