ڪرشما جي پيداش تي راج ڪپور جي شرط، ببيتا وڏا انڪشاف ڪري ڇڏيا
ممبئي (ويب ڊيسڪ ) ڀارت جي ليجنڊري سرڳواسي اداڪار، هدايتڪار ۽ فلسماز راج ڪپور پنهنجي پوٽي اداڪارا ڪرشما ڪپور جي پيدائش تي ساڻس اسپتال ۾ ملاقات لاءِ هڪ دلچسپ شرط رکي هئي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس، ڪجهه ورهيه اڳ ڪرشما ڪپور جي امڙ ۽ ماضيءَ جي خوبصورت اداڪارا ببيتا هڪ انٽرويوءَ دوران ان ڳالهه جو انڪشاف ڪيو هو ته 1974ع ۾ هن جڏهن ڌيءَ ڪرشما ڪپور کي جنم ڏنو ته سندس سهري راج ڪپور هڪ شرط رکي هئي.
ببيتا موجب، ڪرشما ڪپور جي پيدائش تي راج ڪپور کانسواءِ سڄو خاندان اسپتال ۾ملڻ آيو هو، راج ڪپور جي شرط هئي ته اسپتال رڳو ان صورت ۾ ويندو جيڪڏهن تازي ڄاول ٻار جون اکيون نيري رنگ هونديون.
هن چيو ته اسان شڪر ادا ڪيو هو ته ڪرشما جون اکيون بلڪل پنهنجي ڏاڏي راج ڪپور جهڙيون گهريون نيريون هيون.
واضح رهي ته راج ڪپور جي پٽ رنڌير ڪپور 1971ع ۾ اداڪارا ببيتا سان شادي ڪئي هئي، 1974ع ۾ جوڙي وٽ پهرين نياڻي ڪرشما ڪپور جي پيدائش ٿي،
ياد رهي ته راج ڪپور 1988ع ۾ 63 ورهين جي ڄمار ۾ ديهانت ڪري ويو هو، ڪرشما پنهنجي ڏاڏي جي نصيحت تي عمل ڪندي 1991ع ۾ 17 ورهين جي عمر ۾ بالي ووڊ ۾ قدم رکيو ۽ ڪيئي بلاڪ بسٽر فلمن م اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا.