ٻيانوي ورهين جي ڊگهي انتظار کانپوءِ ڀارت جو ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ تاريخي ڪارنامو

Spread the love

چنائي (ويب ڊيسڪ ) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم آچر جي ڏينهن چنائي ۾ بنگلاديش کي ٻه سئو اسي رنسن تان مات ڏئي ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ تاريخي ڪارنامو انجام ڏئي ڇڏيو.
ڀارت ۽ بنگلاديش وچ ۾ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز جي پهرين ميچ ۾ بنگال ٽائيگرز کي شڪست ڏئي آخرڪار ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم ٻيانوي ورهين کانپوءِ اهم اعزاز حاصل ڪري ورتو.
بنگلاديش کي هارائي ڀارتي ٽيم جو ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ ڪاميابين جو انگ شڪستن کان وڌي ويو آهي.
ٻيانوي سالن جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ ڀارت جي کٽيل ميچن جو انگ هارايل ميچن کان وڌي ويو آهي.
ڀارتي ٽيم 179 ٽيسٽ ميچن ڪاميابي ماڻي چڪي آهي، جڏهن ته ان کي 178 ميچن ۾ شڪست جو منهن ڏسڻو پيو.
ڀارت پنهنجي پهرين ٽيسٽ ميچ 1932ع ۾ سي ڪي نائيڊو جي قيادت ۾ کيڏي هئي، جنهن ۾ ان کي 152 رنسن تان شڪست نصيب ٿي.
ان کانپوءِ ڀارت ڪڏهن به پنهنجي کٽيل ميچن جي انگ پنهنجي هارايل ميچن جي انگ کان مٿي کڻي وڃڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيو، آخرڪار ٻيانوي ورهين جي ڊگهي انتظار کانپوءِ روهت اليون اِهو تاريخي ڪارنامو انجام ڏئي ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، في الحال اِهو رڪارڊ رڳو پنجن ٽيمن وٽ آهي، جن جي کٽيل ميچن جو انگ هارايل ميچن کان وڌيڪ آهي، ڀارت کانسواءِ، اِهو اعزاز آسٽريليا، انگلينڊ، ڏکڻ آفريڪا ۽ پاڪستان وٽ آهي.

سيپٽمبر 23, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو