سنڌ جي تعليم پوئتي ڇو ؟

Spread the love

ظھير تنيو

اسان سڀني کي خبر هوندي ته ھر ملڪ ۾ ڏينھون ڏينھن تعليم ۾ بھتري ٿيندي پئي وڃي ۽  اھي ملڪ ئي اعليٰ ۽ ترقي يافتا سڏيا ٿا وڃن. تنھن ڪري ھر ملڪ پنھنجي تعليم ۾ واڌرو ٿو آڻي. ھر سڌريل ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ بجيٽ به تعليم جي لاءِ رکي ويندي آھي. تعليمي ترقي ۾ بھتري جي حوالي سان اسان جي حڪمرانن جي سنجيدگي جو اندازو تعليم لاءِ رکيل بجيٽ مان ئي آساني سان لڳائي سگھجي ٿو.

جڏھن تعليم جي لاءِ بجيٽ نه ھجڻ جي برابر آھي ته اتي تعليم ۾  ترقي ڪئين ايندي؟ سنڌ جي تعليم ۾ ھر روز گھٽتائي ٿي رھي آھي. ڪيترن ئي اسڪولن جي بلڊنگ صفا ناڪاره ٿي وئي آھي. جيڪڏهن بلڊنگ ڪجهھ ٺيڪ آهي ته وري فرنيچر نه ھوندو ۽ ھاڻي وري ڪتاب به موجود ناھن. جيڪڏھن ڪتاب نه ھوندا تي ان بلڊنگ ۽ فرنيچر جو ڪھڙو فائدو؟؟ سنڌ ۾ ھزارين اسڪول بند پيل آھن. ھزارين اسڪولن ۾ استاد ناھن. باٿ روم کان وٺي ڪري پيئڻ جو صاف پاڻي به ڪونھي. پوءِ ائين ڪئين چئي سگھجي ٿو ته پڙھندي سنڌ تي وڌنڌي سنڌ؟

ان جو مطلب صاف ظاھر آھي ته سنڌ جي تعليم کي ھٿ سان تباھي جي ڪناري تي آندو ويو آھي. سنڌ جي تعليم ھڪ نازڪ مرحلي مان گذري رھي آھي. جيڪڏھن تعليم جي اھڙي صورتحال رھي ته اھا سنڌ جي مستقبل جي لاءِ تمام گھڻي خطرناڪ ثابت ٿيندي. ڪيترن ئي اسڪولن ۾ بجلي ناھي،  سنڌ جو تعليمي خاتو ڪرپشن ۾ سڀ کان پھرين نمبر تي آھي. نه ٻارن کي مڪمل ڪتاب مھيا ڪن ٿا. نه وري نئون ڪو سليبس باقي دنيا جي تعليم جا ايترا ته مثال ڏيندا جو ڇا ڳالهه ڪجي. جنھن صوبي ۾ بهتر جي تعليم ناھي. اسان سڀني کي خبر آھي جنھن ملڪ يا قوم کي تباھ ڪرڻو آهي ته ان کي بم يا بندوقن سان نه بلڪه انھن کان تعليم کسي ويندي آ ۽ پوءِ اھا قوم پاڻ ئي تباھ ٿي ويندي. سنڌي قوم سماج به تيستائين ترقي ڪري ڪونه سگھندو، جيستائين سنڌي سماج ۾ تعليم ۽ ادب جي ترقي ممڪن ٿي سگھي . قومون پنھنجي ھر قسم جي دشمن قوتن سان مقابلو  تڏھن ڪري سگھنديون آھن . جڏھن اھي قومون تعليم يافتا ھجن. جيڪا قوم وري پوئتي پيل آھي . تعليم جي ترقي ۾ ته اھي قومون ھميشه ٻين طاقتور قومن جي بالادستي ھيٺ اچي وينديون آھن. اھي قومون ڪڏھن به ڌارين جي مزاحمت نه ڪري سگھنديون. جيڪڏھن انھن قومن جي تعليم بھتر آھي ته اھي قومون سامراجي قوتن جو مقابلو ڪري سگھنديون.

جئين ته دنيا ۾ تعليم جي ترقي جي لاءِ سٺا قدم کنيا پيا وڃن . پر اسان وٽ حڪمران تعليم کي ترجيح ئي نٿا ڏين . پر اھي حڪمران صرف پريس ڪانفرنسون ڪن ٿا ۽ لفظي چون ٿا ته اسين تعليم بھتر ڪنداسين. پر عملي ڪم نٿو ڪيو وڃي. تعليم کي بھتر بڻائڻ جي لاءِ سنڌ جي 39 سڪيڙو کان وڌيڪ ٻار تعليم جي بنيادي زيور کان محروم آھن. تنھن مان 50 سيڪڙو نياڻيون به اسڪول ۾ داخل نه ٿئي سگھيون. 2022 واري ٻوڏ جي حوالي سان 20 ھزارن کان وڌيڪ اسڪول تباھ ٿيل آھن. اسڪول جي بحالي وارو ڪم  اڃا تائين نه ٿي سگھيو آ. جڏھن ته تعليم واري وزير سيد سردار شاھ چيو ته سنڌ ۾ ٻارن جو اسڪول ڇڏڻ جو سبب غربت آھي .

جڏھن ته رپورٽن جي مطابق سنڌ جي تعليم کاتي 22 لک ٻار اسڪول کان ٻاھر ھجڻ جو اعتراف ڪيو آھي.تعليم جي ترقي ۽ ان ۾ اڳڀرو ٿيڻ لاءِ پاڪستان جي آئين ۽ انساني حقن جي عالمي پڌرنامي 10 ڊسمبر 1948ع ۾ قلم 25 ۾ لکيل آهي ته هر ماڻهو کي تعليم حاصل ڪرڻ جو حق آهي،  رياست پاران کيس مفت تعليم فراهم ڪئي وڃي. ڌنڌي واري تعليم عام مهيا ڪئي ويندي ۽ اعليٰ تعليم پڻ هوشياري، لياقت ۽ خوبيءَ جي بنيادن تي ڏني وڃي، پر اسان جي ملڪ ۾ تعليم صرف ڪمائي جو ذريعو ٿي وئي آهي. هن وقت تعليم واري ڪاروبار دنيا جي سڀني ڪاروبارن کي پوئتي ڌڪي ڇڏيو آهي. اهو جواب ڏيڻ لاءِ ڪو به تيار نه آهي ته تعليمي ماحول ڪيئن سڌارجي، ان ۾ جدت ڪيئن آڻجي ۽ ڪيئن دنيا جي تعليمي نظام سان گڏ هلجي؟ ان جو ڪنهن کي ڪوبه احساس نه آهي، جنهن جي ڪري تعليم تباهه ٿيندي پئي. ان جي ڪري تعليم پرايو زندگي سنواريو جيستائين اسان تعليم ۾ اڳ ڀرا نه ٿينداسيون، تيستائين پھنجا حق حاصل ڪري نه سگھنداسون ، علم جي ذريعي پھنجي سنڌ جو مستقبل سينگاري سگھنداسين تعليم اسان کي حق حاڪميت ۽ مالڪي ۽ ورثي جو مالڪ بڻائن ۾ مدد فراھم ڪندي. ھاڻي ضرورت ان ڳالهه جي آھي ته جيستائين حڪمرانن جا پنھنجا ٻار به سرڪاري اسڪولن ۾ تعليم حاصل نه ڪندا تيستائين تعليم ۾ بھتري نه ايندي.

سيپٽمبر 23, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو