ملير: ماهيگير سماجي سنگت پاران نوجوانن کي هنري سکيا ڏيارڻ ۽ سماجي برائين کان بچائي کين بهتر مستقبل لاءِ سازگار ماحول ڏيڻ بابت ريڙهي ڳوٺ ۾ تقريب منعقد

Spread the love

ملير (ذوالفقار علي نصيراڻي) ماهيگير سماجي سنگت پاران نوجوانن کي هنري سکيا ڏيارڻ ۽ سماجي برائين کان بچائي کين بهتر مستقبل لاءِ سازگار ماحول ڏيڻ بابت ريڙهي ڳوٺ ۾ تقريب منعقد ڪئي وئي

 جنهن ۾ ڪراچي يونيورسٽي ۾ ”ماس ڪميونيڪيشن“ جي تعليم حاصل ڪندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين شرڪت ڪئي، جڏهن ته سيشن جي صدارت ابراهيم حيدري ٽائون جي چيئرمين نظير احمد ڀٽو ڪئي،

تقريب ۾ شريڪ شاگردن ۽ شاگردياڻين نوجوانن جي بهتر مستقبل ۽ سماجي برائين کان پري رهڻ بابت پنهنجا ويچار ونڊيندي مختلف سوال جواب پڻ ڪيا، شاگردن ۽ شاگردياڻين پاران ڪيل سوالن جي جواب ڏيندي ٽائون چيئرمين نظير احمد ڀٽو چيو ته نوجوان مستقبل جا معمار آهن اسان جو ملڪ دنيا جو واحد ملڪ آهي جتي نوجوانن جي گهڻائي آهي،

نوجوانن کي بهتر مستقبل ڏيارڻ لاءِ حڪومتي سطح تي ڪوششون جاري آهن، اسان جو ليڊر بلاول ڀٽو زرداري هڪ نوجوان ليڊر آهي جيڪو نوجوانن لاءِ تمام گهڻو ڪجهه ڪرڻ چاهي ٿو، نوجوانن لاءِ مختلف اسڪل ۽ ٽيڪنيڪل سينٽرن ۾ آءِ ٽي سميت مختلف قسم جي هنر جا ڪورس پڻ ڪرايا پيا وڃن،

 ان کان علاوه نوجوانن لاءِ مڪاني ادارن جي نظام ۾ يوٿ لاءِ يوسي کان ٽائون ۽ ضلع ڪائونسل سميت ميٽروپوليٽن ۾ مخصوص سيٽ مختص ڪئي وئي آهي ته جيئن نوجوان اڳتي اچي نوجوانن جي بهتر مستقبل جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن، ٽائون چيئرمين نظير احمد ڀٽو چيو ته بلاول ڀٽو زرداري نوجوانن جو آئيڊيل ليڊر آهي

 نوجوان بلاول ڀٽو زرداري کي تمام گهڻو پسند ڪن ٿا، پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايتن تي نوجوانن لاءِ راندين جا ميدان سجايا ويا آهن ۽ کين راندين لاءِ سامان سميت سموريون سهولتون مهيا ڪيون ويون آهن ته جيئن نوجوان راندين ۾ حصو وٺي منشيات ۽ سماجي براين کان بچي سگهن، ٽائون چيئرمين نظير احمد ڀٽو وڌيڪ چيو ته منشيات اسان جي معاشري ۾ هڪ ناسور بڻجي چڪو آهي منشيات خلاف پوليس سميت ٻيا ادارا ڀرپور ڪارروايون ڪري رهيا آهن،

منشيات جي خاتمي لاءِ حڪومت سان گڏ عوام کي به پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، منشيات فروشن جي نشاندهي ۽ انهن خلاف گواهي لاءِ ڪو به شهري اڳتي نٿو اچي جنهن سبب سزا کان بچي وڃن ٿا ۽ معاشري ۾ بگاڙ پيدا ڪن ٿا. ان موقعي تي ماهيگير سماجي سنگت جو اڳواڻ يونس خاصخيلي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

سيپٽمبر 23, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو