ايس ايس پي سکر جي هدايت تي سماجي براين ۾ ملوث جوابدارن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري

Spread the love

سکر (بيورو رپورٽ) سکر پوليس ترجمان جي جاري ڪيل بيان موجب ايس ايس پي سکر امجد احمد شيخ جي هدايت تي سماجي براين ۾ ملوث جوابدارن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري آهي،ايس ايڇ او سائيٽ ايريا اسنيپ چيڪنگ دوران جوابدار محمد عباس بنڌاڻي جي قبضي مان 300 کان وڌيڪ نقصانڪار گٽڪا ۽ ماوا هٿ ڪيا آھن ۔

ايس ايڇ او نيو پنڊ ٿاڻو ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪندي جوابدار سهيل بروهي کي منشيات سميت گرفتار ڪري سندس قبضي مان 510 گرام چرس ههٿ ڪري ورتو جڏهن ته بي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس محمدي چوڪ لڳ ڪاروائي ڪندي شراب جون 48  وڏيون بوتلون هٿ ڪري ورتيون

 جڏهن ته جوابدار موٽرسائيڪل ڇڏي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا جاري آھن هوڏاهن ايس ايس پي سکر امجد احمد شيخ پوليس ٽيم کي ڪامياب ڪاروائين تي شاباسي جو پيغام ڏيندي ڪارروايون تيز ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا ويا آهن.

سيپٽمبر 23, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو