خوف ۽ ماڻهوجي اندر ۾ لڪيل خوبيون

Spread the love

سڪندر چنو
جڏهن اسين خوف کي پرکڻ لاءِ ان جي پس منظر ۾ وڃون ٿا ته اسان جي ذهنن ۾ انيڪ سوال اڀري ٻاهر نڪرندا آهن ۽ اسين نفسياتي طور انهن سوالن جي جوابن کي ڳولڻ ۾ گم ٿي ويندا آهيون. مثال طور اندر ئي اندر ۾ پنهنجي منهن سوال ڪندا آهيون ته خوف آخرڪار آهي ڇا؟ خوف ڪٿان ايندو آهي؟ خوف جي صورت ڪهڙي قسم جي هوندي آهي؟ خوف ڪنهن کان ٿيندو آهي؟ خوف در حقيقت ماڻهوءَ جي ڪيفيت مان پيد اٿيندو آهي. خوف هڪ حقيقت به، احساس به ۽ خيال به آهي. پر خوف کي وهم ۽ گمان جي لسٽ ۾ به پرکيو ويندو آهي. خوف جا ڪيترائي قسم آهن. خوف انسان جي اندر يا ڪڏهن ڪڏهن ٻاهر جي حالتن سبب پيدا ٿيندڙ واقعن سان حادثن يا ڪنهن شيءِ جي برائي کان يا نقصان سبب خوف پيدا ٿيندو آهي ۽ ڪڏهن اهو خوف ڪنهن جي ڳالهين ۽ قصن سان به دل ۾ گهر ڪري ويندو آهي. خوف ڪنهن شي کي زيادتي ۾ ڏسندي به پيدا ٿيندو آهي . مثال طور جيئن باهه، پاڻي، وڌيڪ اوچائي، وڌيڪ اونڌائي ۽ ان کان به وڌيڪ زندگي جي اصل حقيقت موت کان به پيدا ٿيندو آهي. ڏٺو ويو آهي ته خوف زياده تر ننڍپڻ ۾ ئي پيدا ٿيندو آهي. پر ڪڏهن ڪڏهن وقت گذرڻ سان گڏوگڏ گهٽ به ٿي ويندو آهي. خوف دل ۽ دماغ تي به طاري ٿي ويندو آهي. هميشه ٿيندو ايئن آهي ته جيڪڏهن اسين ڪنهن به غير ضروري ڳالهين  کي ذهن تي حاوي ڪندا آهيون ته پوءِ اسان کي اها سوچ ۽ ڳالهه بيمار ڪري ڇڏيندي آهي. ۽ ائين هرگز نه ڪرڻ گهرجي. وسوسي، وهم ۽ گمان کي پاڻ تي حاوي ٿيڻ نه ڏجي. ان سان صحت تي ڏاڍو خراب اثر پوندو آهي. ۽ ان سان اڪثر ڪري گهر جو ماحول به بگڙجي سگهن ٿا. ڇاڪاڻ ته پوءِ ماڻهوءَ جي اندر مان سڪونيت موڪلائي ويندي آهي. ننڍپڻ جي زندگي اهڙي ته نرم ۽ موم بتي جيان هوندي آهي جنهن سبب توهان ڪنهن به دل ۾  آسانيءَ سان خوف وجهي سگهو ٿا ۽ خوف ڪڍي به سگهو ٿا. ڇاڪاڻ ته ننڍپڻ هڪ اهڙو خالي پيپر آهي جو ان تي لکيل هر لفظ يادگار بڻجي ويندو آهي. زندگي جي وڏي سفر ۾ ۽ زندگي جي نشي ۾ انسان گهڻو ڪجهه وساري يادرگذر ڪري ڇڏيندو آهي پر ننڍپڻ جا کوڙ سارا قصا ۽ ڪهاڻيون وساري ڪونه ٿو سگهي. اصل ۾ سبب اهو آهي ته ننڍپڻ ۾ انسان هر فڪر کان ۽ پريشانيءَ کان مڪمل آزاد هوندو آهي. ان ڪري ئي ننڍپڻ جي ٻار کي بادشاهه چيو ويندو آهي. جيڪڏهن توهان صاف شفاف پاڻي ۾ رنگ وجهندا ته توهان کي ان جي صورت ٻئي نظر ايندي. تربيت جو اهم دور انسان جي شروعاتي عمر کان ئي شروع ڪيو ويندو آهي. جيڪڏهن خوف تي نظر ڦيرائينداسين ته خوف هڪ قدرتي، طاقتور ۽ پراڻو انساني جذبو به آهي. ان ۾ هڪ عالمگير بايو ڪيميڪل رد عمل سان گڏوگڏ هڪ خطرو ۽ گڏيل جذباتي رد عمل به شامل هوندو آهي. خوف اسان کي خطري جي موجودگي يا نقصان جي خطري کان ڄاڻ ڏيندو آهي پوءِ اهو جسماني هجي يا نفسياتي هجي اسان سڀني کي ڪنهن نه ڪنهن شي مان خوف هوندو آهي. ڀلي توهان بهادر ۽ دلير ڇو نه هجو پوءِ به توهان ڪنهن نه ڪنهن شي کان ضرور ڊڄندا هوندا.

انسان جي تخليقي صلاحيتن جو وڏو دشمن ۽ توهان جي ترقي ۾ وڏي رڪاوٽ خوف ۽ ڊڄ آهي. هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته آخرڪار خوف ٿيندو ڇا آهي؟ خوف صنفي سوچ رکندڙ ماڻهن کي وڌيڪ ڪمزور ۽ خوف زده ڪندو آهي. پر اڪثر ڏٺو ويو آهي ته معاشري ۽ دنيا ۾ مضبوط ۽ بهادر ماڻهو اهو هوندو آهي جيڪو خوف ۽ ڊپ سان مقابلو ڪندي زندگيءَ ۾ رسڪ کڻي بهادريءَ سان زندگي گذاريندو آهي ۽ اهو ئي زندگيءَ ۾ به ڪامياب ۽ ڪامران هوندو آهي. خوف ۽ خطري ۾ وڏو فرق به آهي. خطرو اصل ۾ هوندو آهي ۽ حقيقي به هوندو آهي ۽ خوف هڪ خيالي هوندو آهي.

سيپٽمبر 22, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو