ايمرجنگ ايشيا ڪپ جو شيڊيول پڌرو، پاڪ-ڀارت ٽاڪري جي تاريخ سامهون اچي وئي
ڪولمبو (ويب ڊيسڪ) ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل ( اي سي سي) مينز ٽي ٽوئنٽي ايمرجنگ ايشيا ڪپ جي شيڊيول جو اعلان ڪري ڇڏيو.
ايشيائي ملڪن جي اي ٽيمن وچ ۾ ايمرجنگ ايشيا ڪپ جا مقابلا 18 آڪٽوبر کان عمان ۾ شروع ٿيندا، ميگا ايونٽ ۾ اٺ ٽيمون حصو وٺنديون.
ٽورنامينٽ ۾ پاڪستان، ڀارت، سريلنڪا، بنگلاديش، افغانستان، هانگ ڪانگ، ميزبان عمان ۽ متحدا عرب امارات جون ٽيمون شامل آهن جن کي ٻن گروپن ۾ ورهايو ويو آهي، گروپ اي ۾ سريلنڪا، بنگلاديش، افغانستان ۽ هانگ ڪانگ جون ٽيمن کي رکيو ويو آهي.
گروپ بي ۾ پاڪستان، ڀارت، يو اي اي ۽ عمان جون ٽيمون شال آهن، ميگا ايونٽ جو مها دنگل يعني پاڪ-ڀارت ميچ 19 آڪٽوبر تي شيڊيول آهي.
ان کانسواءِ ايمرجنگ ايشيا ڪپ ۾ پاڪستان اي 21 آڪٽوبر تي عمان ۽ 23 آڪٽوبر تي يو اي اي خلاف ميچ کيڏندي.
ميگا ايونٽ جي سيمي فائنلز مقابلا 25 آڪٽوبر تي شيڊيول آهن جڏهن ته ٽورنامينٽ جو فائنل 27 آڪٽوبر تي کيڏيو ويندو.