عاليا ڀٽ جو ذهني بيماري ۾ مبتلا هئڻ جو انڪشاف

Spread the love

ممبئي(ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ اداڪارا عاليا ڀٽ انڪشاف ڪيو آهي ته هو هڪ اهڙي بيماري ۾ مبتلا آهي جنهن سبب هو گهڻي دير تائين ميڪ اَپ به نٿي ڪرائي سگهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، ويجهڙ ۾ هڪ مئگزين کي انٽرويو ۾ عاليا ڀٽ انڪشاف ڪيو ته هو اي ڊي ايڇ ڊي ( اٽينشن ڊيفيسيٽ هائپر ايڪٽيويٽي ڊِس آرڊر) نالي بيماريءَ ۾ مبتلا آهي.
اداڪارا موجب، بيماري سبب هوءَ ميڪ اَپ سِيٽ تي 45 منٽن کان وڌيڪ دير تائين وقت ويهي سگهي، انڪري سادو رهڻ پسند ڪندي آهي.
عاليا چيو ته اي ڊي ايڇ ڊي بيماري سبب مون کي ڪمن ڪارن ۾ گهڻو وقت وڃائڻ پسند ناهي، انڪري مان چاهيندي آهيان ته جيڪو ٿي رهيو آهي تڙ تڪڙ ۾ ختم ٿئي.
اداڪارا موجب، سندس شادي واري ڏينهن ميپ اَپ آرٽسٽ درخواست ڪئي ته هوءَ کيس تياري لاءِ ٻن ڪلاڪن جو وقت ڏئي، پر هن اِهو چئي انڪاري ڪري ڇڏيو ته ائين نه ٿيندو.
واضح رهي ته اي ڊي ايڇ ڊي هڪ ذهني بيماري آهي جنهن ۾ مبتلا ماڻهو ڌيان ڏيڻ ۾ پريشاني، حد کان وڌيڪ سرگرمي ۽ نتيجن جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ ڪم سرانجام ڏيندا آهن.

سيپٽمبر 21, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو