راشد خان ڏکڻ آفريڪا خلاف تاريخ رقم ڪري ڇڏي

Spread the love

شارجا ( ويب ڊيسڪ ) راشد خان پنهنجي سالگرهه واري ڏينهن ڏکڻ آفريڪا خلاف پنج وڪيٽن وٺي نه رڳو پنهنجي سالگرهه کي يادگار بڻايو پر افغانستان کي سيريز ۾ فيصلائتي سرسي به ڏياري ڇڏي آهي.
شارجا ۾ کيڏيل ٽن هڪ ڏينهن وارين ميچن جي سيريز جي ٻي ميچ ۾ افغانستان پهريان بيٽنگ ڪندي رحمان الله گُرباز جي شاندار سينچري جي مدد سان ڏکڻ آفريڪا کي کٽڻ لاءِ 312 رنسن جو جو هدف ڏنو، عظمت الله عمر زئي به 86 ۽ رحمت شاهه 50 رنسن جي اننگز کيڏي.
جواب ۾ ڏکڻ آفريڪا جي پوري ٽيم 134 رنسن تي ڍير ٿي وئي ۽ اهڙي ريت افغانستان ميچ 177 رنسن تان کٽي سيريز ۾ فيصلائتي سرسي حاصل ڪري ورتي.
ميچ جي خاص ڳالهه افغانستان جي ڪپتان راشد خان جي پنهنجي سالگرهه واري ڏينهن شاندار بالنگ هئي جنهن رڳو 19 رنسون ڏئي 5 وڪيٽون ورتيون ۽ پنهنجي ٽيم جي تاريخي ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.
راشد خان پنهنجي سالگرهه واري ڏينهن پنج وڪيٽون ۽ ميچ جي بهترين رانديگر جو اعزاز حاصل ڪري انوکي ڪارنامو انجام ڏنو آهي، هو اهڙو ڪارنامو انجام ڏيندڙ واحد عالمي ڪرڪيٽر آهي.
واضح رهي ته شارجا ۾ کيڏيل پهرين ميچ ۾ به افغانستان ڏکڻ آفريڪا ڇهن وڪيٽن تان شڪست ڏئي پروٽيز خلاف ڪنهن به فارميٽ ۾ پهرين تاريخي ڪاميابي حاصل ڪئي هئي.

سيپٽمبر 21, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو