ايشوريا راءِ اسلام قبول ڪري سلمان خان سان نڪاح ڪيو؟

Spread the love

ممبئي (ويب ڊيسڪ ) اِها ڳالهه ته هر ڪوئي ڄاڻي ٿو ته بالي ووڊ اداڪارا ايشوريا راءِ جا اڀيشيڪ بچن سان شاديءَ کان اڳ دبنگ اسٽار سلمان خان سان لاڳاپا رهيا هئا.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، ايشوريا راءِ ۽ سلمان خان جي دوستي شادي تائين وڃي پهتي هئي پر 2001ع ۾ جوڙي جي وچ ۾ ويڇا وڌي ويا.
2002ع ۾ ايشوريا طرفان سلمان خان مٿان ڪيئي سنگين الزام مڙهيا ۽ ساڻس رشتو ختم ڪرڻ جو باظابطا اعلان ڪيو هو پر ڇا اوهان ڄاڻو ٿا ته ان اعلانن کان اڳ ايشوريا ۽ سلمان خان ڳجهو نڪاح ٿيو ايستائين جو ايشوريا جي مذهب تبديليءَ بابت خبرون به سامهون اچي چڪيون آهن؟
سلمان خان ۽ ايشوريا راءِ جو ڳجهو نڪاح
پرڏيهي ميڊيا موجب، ايشوريا ۽ اڀيشيڪ بچن جي شاديکان اڳ خبرون سامهون آيو هيون ته سلمان خان ۽ ايشوريا ڳجهو نڪاح ڪري چڪا آهن، اِهو نڪاح ڀارتي شهر پوني جي لوناوالا ۾ موجود هڪ بنگلي ۾ ٿيو جڏهن ته نڪاح لاءِ قاضيءَ کي ممبئي مان گهرايو ويو هو.
رپورٽس موجب، نڪاح جي تقريب ۾ ٻنهي جي خاندان مان ڪو به شريڪ نه ٿيو، ايشوريا جي والدين کي ته ڌيءَ جي شادي جو پتو به نه هو.
اهڙيون خبرون سامهون آيون هيون ته ايشوريا سلمان خان سان شادي لاءِ اسلام قبول ڪري چڪي آهي جڏهن ته جوڙو نڪاح کانپوءِ هني مون لاءِ نيويارڪ ويو هو، اهڙي قسم جي خبرن جو ايشوريا راءِ جي ڪيريئر تي ناڪاري اثر پيو جنهن کانپوءِ کيس ڪاسٽ ڪندڙ پرڊيوسر به ٻڏتر جو شڪار رهندا هئا.
سلمان خان سان نڪاح جي خبرن تي ايشوريا راءِ ڇا چيو هو؟
ان کانپوءِ هڪ شو دوران جڏهن ايشوريا کان سلمان خان سان نڪاح بابت پڇاڻو ڪيو ويو ته هن انتهائي بردباريءَ جو مظارو ڪندي سوال ٻڌڻ کانپوءِ جواب ڏنو هو.
اداڪارا جو چوڻ هو ته انڊسٽري هڪ تمام ننڍي جاءِ آهي جيڪڏهن اهڙو ڪجهه ٿئي ها ته سموري انڊسٽري کي پتو پئجي وڃي ها، مان اهڙن ماڻهن مان ناهيان جو شادي ڪري انڪار ڪنديس، جيڪڏهن شادي ڪئي تي سڄي دنيا آڏو فخر سان ان ڳالهه جو اعلان ڪنديس، باقي اڳڪٿي ڪرڻ تي شادي ڪڏهن ٿيندي اِها کِل جوڳي ڳالهه آهي.

سيپٽمبر 16, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو