ڪراچي اوڀر ۽ ملير جي سنڌي آبادين وارن ڳوٺن ۾ واٽر بورڊ عملدارن جي نااھلي سبب پاڻي جو شديد بحران
ڪراچي (رپورٽ: ثناء ﷲ هڪڙو ) ڪراچي ضلعي اوڀر ۽ ملير جي سنڌي آبادين وارن ڳوٺن ۾ واٽر بورڊ عملدارن جي نااھلي سبب پاڻي جو شديد بحران پئدا ٿيل 100 کان وڌيڪ ڳوٺن ۾ پاڻي جي شديد قلت پئدا ٿي وئي رھواسي سخت پريشان واٽر بورڊ جا عملدارن لکين روپيا رشوت وٺڻ عيوض پاڻي بلڊرن کي فليٽن لاء غيرقانوني ڪنيڪشن ڏئي پاڻي وڪرو ڪري ڏيڻ لڳا سياسي سماجي ماڻھن جو ميئر مرتضي’ وھاب ۽ ٻين لاڳاپيل اختيارين کان نوٽيس وٺڻ جي گھر
خبرموجب ڪراچي ضلعي اوڀر ۽ ملير جي اندر واٽر بورڊ عملدارن جي نااھليء جي ڪري 100 کان وڌيڪ ڳوٺن اندر پاڻي جو شديد بحران پئدا ٿي ويو آھي جڏھن تـ واٽر بورڊ جا عملدار رشوت وٺڻ عيوض بلڊرن کي فليٽن لاء پاڻي پئسن عيوض وڪرو ڪري رھيا آھن
جڏھن تـ واٽر ضلعي اوڀر اسڪيم 33 جي ايڪسيئن عرفان اللـ اسسٽنٽ ايگزيڪٽو انجنيئر عمران ملڪ سب انجنيئر انتظار حسين جڏھن تـ ملير ضلعي جي واٽر بورڊ جي انجنيئر سليم سومرو ۽ ٻين عملدارن جي نااھلي ۽ رشوت خوري سبب ٻنھي ضلعن ملير ۽ ايسٽ جي 100 کان وڌيڪ ڳوٺن جنھن ۾ ڀٽائي آباد , ڌڻي بخش ڳوٺ , بختاور , راشدي ڳوٺ , سچل ڳوٺ , ايوب ڳوٺ , لاسي ڳوٺ , غازي ڳوٺ , شاھنواز شر ڳوٺ , صفوران , وزير بروھي ڳوٺ , مڌو ڳوٺ , ليمون ڳوٺ , ماروئڙا , عبداللـ پالاري ڳوٺ , حسين ھزارا ڳوٺ , سيتانگر , نور خان برفت ڳوٺ , سميت ٻين ڳوٺن اندر پاڻي جو شديد بحران پئدا ٿي ويو آھي جڏھن تـ واٽر بورڊ جا عملدار ڳوٺن کي پاڻي ڏيڻ بجاء رشوت وٺڻ عيوض پئسن تي پاڻي وڪرو ڪري رھيا آھن
ان سلسلي ۾ ذريعن کان معلوم ٿيو آھي ملير ضلعي جي واٽر بورڊ جو انجنيئر سليم سومرو ۽ ٻين عملدارن بسم اللـ ٽاور , الپائن ٽاور , اون اپارٽمينٽ ۾ لکين روپيا رشوت وٺڻ عيوض ٽن انچن جا ٻـ ٻـ ۽ ٽي ٽي ڪنيڪشن ڏنا ويا آھن جڏھن تـ ضلعر اوڀر اسڪيم 33 جي ايڪسيئن عرفان اللـ , اسسٽنٽ ايگزيڪٽو انجنيئر عمران , سب انجنيئر انتظار حسين بابت معلوم ٿيو آھي تـ ڄاڻايل عملدارن سميرا چوڪ وٽ ثانيا ڪارنر , فيڊرل جا فليٽ پي سي آء آر سوسائٽي سميت ٻين کان لکين روپيا رشوت وٺڻ عيوض انھن کي ٽن انچن جا غيرقانوني پاڻي جا ڪنيڪشن ڏئي ڇڏيا آھن
واٽر بورڊ جي عملدارن طرفان بلڊرن کان رشوت وٺڻ عيوض غيرقانوني طور تي سوسائٽين رھائشي فليٽن کي غيرقانوني طور تي پاڻي ڏنو پيو وڃي جنھن سبب 100 کان وڌيڪ ڳوٺن اندر پاڻي جو بحران پئدا ٿي ويو آھي مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن فياض حسين ڀٽو واحد مغيري محسن خاصخيلي رمضان گبول ۽ ٻين سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ ميئر ڪراچي مرتضي’ وھاب ۽ ٻين لاڳاپيل اختيارين کان گھر ڪئي آھي
تـ ڳوٺن اندر پاڻي جي کوٽ ختم ڪري پاڻي وڪرو ڪرڻ ۾ ملوث واٽر بورڊ جي عملدارن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي ھوڏانھن رابطو ڪرڻ تي واٽر بورڊ ملير جي ايڪسيئن سليم سومرو ٻڌايو تـ اسان جي علائقن اندر پاڻي جي ڪنھن بـ قسم جي کوٽ نـ آھي پاڻي جا غيرقانوني ڪنيڪشن ڏيڻ وارين ڳالھين ۾ ڪا بـ صداقت نـ آھي.
سيپٽمبر 16, 2024