سڪرنڊ: اسلامي جمعيت طلبه پاران سورت النبي ﷺ ڪانفرنس خدمت ڪمپليڪس هال ۾ ٿي گذري
سڪرنڊ (رپورٽ: راج ڪمار اوڏ) اسلامي جمعيت طلبه اسڪرنڊ پاران سورت النبي ﷺ ڪانفرنس خدمت ڪمپليڪس هال ۾ ناظم ڊويزن حمدالله مجاهد جي صدارت ۾ ٿي،
جنهن ۾ ٽرسٽي عبدالصمد چانڊيو استقباليه خطاب ڪيو۽ تقريب ۾ خاص مهمانن کان علاوه شاگردن، صحافين، واپارين ۽ ٻين شعبن جي سماجي اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. مشهور نعت خوان، ماهر تعليم رائو زبير منصوري ۽ محمد آفتاب زئنور پنهنجي خوبصورت آواز ۾ بارگاه رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم ۾ نعتون پيش ڪيا.
ڪانفرنس کي خطاب ڪندي مقررين چيو ته نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جن کي دنيا لاءِ رحمت بڻائي موڪليو ويو، جنهن پنهنجي نيڪ ڪردار جي ڪري 23 سالن جي مختصر عرصي دين جو پيغام پکيري اسلام پکيڙيو ،
هن اونداهين کي ختم ڪري ڇڏيو ۽ نيڪ عملن جي برڪت واري روشن ڪيو۽ اهڙيءَ طرح انسان ذات جي ڪردار کي ترتيب ڏني ، سيف الرحمان، فراز احمد آرائين، ڀاءُ صائم رائو، ڀان سرفراز انڙ ۽ جمعيت طلبا سڪرنڊ جا عهديدار . پڻ موجود هئا.
سيپٽمبر 16, 2024