ڪنوارين سان گڏ پرڻيل عورتون به فهد مصطفيٰ جون عاشق بڻجي ويون آهن: عتيقه اوڍو

Spread the love

ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) سينيئر اداڪارا عتيقه اوڍو فهد مصطفيٰ جي اداڪاري جي واکاڻ ڪندي دعويٰ ڪئي آهي ته سندس نئين ڊرامي نشر ٿيڻ کانپوءِ سڄي ملڪ جون ڪنواريون ۽ پرڻيل عورتون اداڪار جون عاشق بڻجي ويون آهن.
عتيقه اوڍو هڪ پروگرام شرڪت ڪئي جتي هن فهد مصطفيٰ ۽ هانيا عامر جي ڊرامي ” ڪڀي مين، ڪڀي تم “ تي تبصرو ڪندي ٻنهي جي واکاڻ ڪئي.
سينيئر اداڪارا ڊرامي ۾ فهد مصطفيٰ جي اداڪاري کي ساراهيندي کيس حقيقي اداڪار قرار ڏنو ۽ چيو ته هن ڪردار ۾ جان وجهي ڇڏي آهي.
عتيقه اوڍو فهد مصطفيٰ جي ڪجهه منظرن کي شاندار اداڪاري قرار ڏيندي چيو ته هن نه رڳو ڊائيلاگ ڊيليوري پر اُٿڻ، ويهڻ ۽ ڳالهائڻ جي انداز ۽ اشارن ذريعي به اداڪاري ڪئي آهي.
سندس چوڻ هوته ڊرامي ۾ شاندار ڪردار ادا ڪرڻ سبب فهد سڄي ملڪ جي ڇوڪرين لاءِ فينٽسي هيرو بڻجندو پيو وڃي.

سيپٽمبر 15, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو