بالي ووڊ جو سڀ کان سخي اداڪار ڪير؟
بالي ووڊ ادڪار جتي هڪ فلم لاءِ اربين رپيا معاوضو ۽ ڪيئي ڪاروبارن ۾ سيڙپڪاري ڪري ٻنهي هٿن سان دولت سان کيڏندا آهن اتي ڪجهه اداڪار خيراتي ڪمن ۾ ڀرپور حصو وٺندا آهن.پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، بالي ووڊ جا وڏا نالا پنهنجي پاران ڪڏهن ڪنهن جي تعليم ته ڪڏهن ڪنهن جي بيماري سميت مختلف تنظيمن سان گڏجي ماڻهن جي مدد ڪندا آهن.سلمان خان جو ڳاڻيٽو به اهڙن اداڪارن ۾ ٿيندو آهي، هو ” هيومن بينگ “ جي نالي سان پنهنجي تنظيم هلائي رهيو آهي ۽ مستحقن جي مدد ڪري ٿو، اهڙي ريت ٻين وڏن اداڪارن جا نالا به خيراتي ڪم ڪرڻ وارن ۾ شامل آهن.پر ڀارتي ميڊيا طرفان دعويٰ ڪئي وئي آهي ته سلمان خان، عامر ۽ نه ئي اڪشي ڪمار ۽ اميتاڀ بچن پر بالي ووڊ بادشاهه شاهه رخ خان ٻين جي مدد ڪرڻ سڀ کان اڳرو رهندو آهي.ميڊيا رپورٽس موجب، شاهه رخ خان پنهنجي هڪ غير منافعي بخش تنظيم ” مير فائونڊيشن “ ذريعي طبي امداد، پيشيوراڻي تربيت جي آڇ ذريعي عورتن کي بااختيار بڻائڻ ۽ تيزاب سبب متاثر ماڻهن جي مدد ڪري رهيو آهي.ان کانسواءِ شاهه رخ خان ٻارن جي غذائي جي کوٽ خلاف مهم ۾ حصو وٺندو آهي ۽ ٻارن جي اسپتالن جي اڏاوت سميت ٻارن لاءِ به ڪم ڪندو آهي.سپر اسٽار جي سماجي خدمتن جي اعتراف ۾ گڏيل قومن جي اداري يونيسڪو طرفان 2011 ۾ شاهه رخ خان کي ٻارن جي تعليم لاءِ پتورڻ تي پيرامائيڊ ڪون مارني ايوارڊ سان نوازيو ويو هو.شاهه رخ خان ڀارت ۾ عورتن ۽ ٻارن جي حقن لاءِ آواز اُٿارڻ لاءِ 2018 ۾ ورلڊ اڪنامڪ فورم طرفان ڪرسٽل ايوارڊ به ماڻي چڪو آهي.
سيپٽمبر 15, 2024